Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 27:12 - Muslim Sindhi Bible

12 پر اڪيس مٿس ڀروسو ڪندو هو ۽ دل ۾ سوچيندو هو تہ ”هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجيءَ قوم بني اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿي رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اڪيس دائود تي ويساهہ آندو، ۽ چيائين تہ هو پنهنجي قوم اسرائيل ۾ بلڪل نفرت جهڙو ٿي پيو آهي؛ تنهنڪري هو هميشہ جي لاءِ منهنجو ٻانهو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 27:12
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


جڏهن بني عمون ڏٺو تہ دائود سان سندن دشمني ٿي پيئي آهي، تڏهن هنن ماڻهو موڪلي بيت‌رحوب جي ارامين ۽ ضوباہ جي ارامين مان ويهہ هزار پيادن کي، معڪہ جي بادشاهہ کي هڪ هزار سپاهين سميت ۽ طوب جي ٻارهن هزار ماڻهن کي، ڪرائي تي گھرائي ورتو.


بني اسرائيل جي عملدارن کين چيو تہ ”شل خداوند اوهان کي ڏسي ۽ اوهان کي سزا ڏئي، جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ نفرتي ڪري ڇڏيو آهي. ڄڻ تہ هنن جي هٿن ۾ تلوار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.“


سو جڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پيئي تہ سائول فلستين جي پهريدارن کي مارائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فلستين کي بني اسرائيل کان نفرت ٿي ويئي آهي، تڏهن ماڻهو جنگ لاءِ سائول وٽ جِلجال ۾ اچي گڏ ٿيا.


دائود انهن مان ڪنهن بہ مرد يا عورت کي جيئرو نہ ڇڏيندو هو، انهيءَ لاءِ تہ متان هو جات شهر ۾ وڃي سندس پول نہ پڌرا ڪن تہ دائود هيئن هيئن ڪيو آهي. دائود جيڪو بہ وقت فلستين ۾ رهيو، سو هو ائين ئي ڪندو رهيو.


ڪجھہ عرصي کان پوءِ فلستين بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. تڏهن اڪيس دائود کي چيو تہ ”تو کي ۽ تنهنجي ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر سان هلڻو پوندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ