Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:24 - Muslim Sindhi Bible

24 اڄ جهڙيءَ طرح توهان جي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تهڙيءَ طرح شل منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي ۽ شل هو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو شال هنن ڇوڪرن کي پنهنجي برڪت عطا ڪري! شل خداوند جو ملائڪ مون جيان کين هر مصيبت کان بچائي! شل منهنجو ۽ منهنجي پيءُ ڏاڏي اسحاق ۽ ابراهيم جو نالو هنن جي وسيلي قائم رهي، شل هو ڌرتيءَ تي وڌي راڄ ٿين!“


تڏهن دائود ريڪاب ۽ سندس ڀاءُ بعنہ کي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم، جنهن منهنجي روح کي سڀني تڪليفن کان بچايو آهي،


هو مون تي ٻاجھہ ڪندڙ ۽ منهنجو ڇڏائڻ وارو آهي. هو منهنجو قلعو، بلڪ مضبوط قلعو آهي. هو ئي منهنجو بچاءُ ۽ منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. هو ئي ٻين قومن کي منهنجي تابع ٿو ڪري.


اي خداوند! تون جيڪو منهنجي طاقت آهين، آءٌ تو کي پيار ڪريان ٿو.


اي خداوند! جيڪي تو سان وفادار آهن، تن سان تون وفا ٿو ڪرين، ۽ جيڪي بي‌ڏوهي آهن تن سان تنهنجو سلوڪ بي مثال آهي.


تنهن جي شل واکاڻ پيئي ٿئي! ڇاڪاڻ تہ هن ئي مون کي دشمنن کان بچايو آهي. اي خداوند! مخالفن جي ظلم کان تو ئي مون کي بچائي ورتو آهي، بلڪ مون کي انهن مٿان سرفراز ڪيو اٿيئي.


خداوند سندن سڀني هڏين کي سنڀالي ٿو، تان‌تہ انهن جي ڪابہ هڏي ڀڄي نہ پوي.


بيشڪ تو مون کي هر تڪليف کان ڇڏايو آهي، ۽ منهنجي اکين مون کي پنهنجي دشمنن تي سوڀارو ڏٺو آهي.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن تي رحم ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.


هنن هر هنڌ خداوند عيسيٰ جي پوئلڳن جي ايمان کي مضبوط ڪيو ۽ کين نصيحت ڪئي تہ هو ايمان تي قائم رهن. هنن کين ٻڌايو تہ ”اسان سڀني کي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترين ئي مشڪلاتن مان لنگھڻو پوندو.“


هيءَ بہ دعا گھرو تہ اسين ڏنگن ۽ بڇڙن ماڻهن کان بچيل رهون، ڇاڪاڻ تہ سڀ ڪنهن ۾ ايمان ڪونهي.


مون جواب ڏنو تہ ”اي منهنجا سائين! اوهين ئي ڄاڻو ٿا.“ هن مون کي چيو تہ ”هي اهي آهن جيڪي ستائجڻ واري تڪليف مان نڪري آيا آهن. انهن پنهنجا جبا گھيٽڙي جي رت ۾ ڌوئي پاڪ صاف ڪري اڇا ڪيا آهن.


پوءِ جڏهن بہ فلستين جا سردار نڪري اچي حملو ڪندا هئا، تڏهن دائود سائول جي ٻين سڀني سالارن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندو هو. اهڙيءَ طرح سندس نالو تمام مشهور ٿي ويو.


جڏهن دائود اهي ڳالهيون سائول کي چئي بس ڪئي، تڏهن سائول چيس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو سچ پچ تون ئي آهين؟“ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ