Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:19 - Muslim Sindhi Bible

19 سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:19
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ يوسف جي ويجھو اچي چيو تہ ”اي منهنجا آقا! پنهنجي ٻانهي کي اجازت ڏيو تہ پنهنجي آقا سان ڪا ڳالهہ ڪري ۽ اوهان جي ڪاوڙ اوهان جي ٻانهي تي ڀڙڪو نہ کائي، ڇو تہ اوهين بہ مصر جي بادشاهہ جهڙا ئي آهيو.


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


تڏهن بادشاهہ منهنجي ڳالهہ ٻڌي پنهنجي ٻانهيءَ کي انهيءَ ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏائي، جيڪو مون کي ۽ منهنجي پٽ کي خدا جي ڏنل ميراث مان بي‌دخل ڪرڻ ٿو گھري.


پر بادشاهہ ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! انهيءَ ڳالهہ ۾ اوهان جو ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ ’دائود تي لعنت ڪر.‘ تڏهن پوءِ ڪير آهي جو هن کي چوي تہ ’ائين ڇو ٿو ڪرين؟‘“


پوءِ دائود ابي‌شيءَ ۽ پنهنجي سڀني عملدارن کي چيو تہ ”ڏسو، منهنجو پنهنجو پٽ جيڪو منهنجو ئي تخم آهي، سو ئي مون کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي، تڏهن پوءِ هي بنياميني انهيءَ کان وڌيڪ ڇا نہ ٿو ڪري سگھي؟ ڇڏي ڏيوس، تہ ڀلي پيو لعنت وجھي، ڇاڪاڻ تہ خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


اسين هن شهر وارا سڄي بني اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانتدار آهيون ۽ تون وري اسان جو ئي شهر جيڪو بني اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ جي حيثيت ٿو رکي تنهن کي برباد ڪرڻ ٿو گھرين! تون ڇو خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو چاهين؟“


سو دائود جِبعونين کي چيو تہ ”آءٌ اوهان جي لاءِ ڇا ڪريان؟ ڪهڙيءَ طرح انهيءَ گناهہ جي تلافي ڪريان، تہ جيئن اوهين خداوند جي قوم لاءِ دعا گھرو؟“


جڏهن تہ خداوند بني اسرائيل تي وري بہ ڏاڍو ڪاوڙيو. سو هن دائود کي انهن جي خلاف اڀاريو ۽ چيائينس تہ ”وڃي بني يهوداہ ۽ ٻين بني اسرائيل وارن جو شمار ڪر.“


خداوند انهيءَ کان پڇيو تہ ’ڪهڙيءَ طرح؟‘ هن وراڻيو تہ ’آءٌ نڪري وڃي اخي‌اب جي سڀني نبي سڏائيندڙن کان ڪوڙ ڳالهرائيندس.‘ تڏهن خداوند کيس چيو تہ ’وڃ، وڃي کيس ڌُتار، تون ڪامياب ٿي ويندين.‘


شيطان بني اسرائيل جي خلاف کڙو ٿي دائود جي دل ۾ اهو خيال پيدا ڪيو تہ هو بني اسرائيل جو شمار ڪري.


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


شل هو تنهنجيءَ دل جون سموريون مرادون پوريون ڪري! شل هو تنهنجيون سموريون رٿون ڪامياب ڪري!


ڪنهن بہ نوڪر جي گلا سندس مالڪ جي آڏو نہ ڪريو، ائين نہ ٿئي جو اهو نوڪر اوهان کي پٽ پاراتو ڏئي، ۽ اوهان تي ڪا مصيبت اچي پوي.


انهن سڀني کي تون پاڻ وٽ ڏسي بيحد خوش ٿيندينءَ، ۽ خوشيءَ وچان تنهنجي دل ڌڙڪڻ لڳندي. قومن جي دولت پڻ تو وٽ آندي ويندي، هائو، سمنڊ رستي خزانا تو ڏانهن ايندا.


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


بني اسرائيل جي ڪنهن بہ شخص جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ سندس ئي قبيلي ۾ رهي ۽ پاڻ ئي انهيءَ جو وارث رهي.


اهڙيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ هر ڪو قبيلو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکي.“


سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.


چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.


تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ.


پتل جا ٿانوَ ٺاهڻ واري سڪندر مون سان گھڻي بڇڙائي ڪئي آهي. خداوند عيسيٰ هن کي پنهنجو ڪيتو لوڙائيندو.


ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.


۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟


پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ ”اي منهنجا آقا! اهو ڏوهہ منهنجو ئي ليکيو وڃي. آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي ڪجھہ چوڻ جي اجازت ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌو.


پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ