Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 26:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تڏهن دائود ابنير کي چيو تہ ”ڇا تون بهادر مرد نہ آهين؟ ڇا بني اسرائيل ۾ ڪو ٻيو بہ تو جهڙو آهي؟ تہ پوءِ تو ڇو پنهنجي آقا بادشاهہ جي حفاظت نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هينئر ئي ڪو ماڻهو تنهنجي آقا بادشاهہ کي مارڻ لاءِ اندر گھڙي آيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 26:15
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اڄ بني اسرائيل ۾ هڪڙو سردار ۽ مکيہ ماڻهو قتل ٿي ويو آهي؟


تڏهن دانيال عرف بيلطشضر گھڙي کن تائين پريشان ٿي ويو ۽ ڳڻتين ۾ پئجي ويو. تنهن تي بادشاهہ چيس تہ ”اي بيلطشضر! انهيءَ خواب ۽ ان جي تعبير کان تون پريشان نہ ٿيءُ.“ بيلطشضر کيس وراڻيو تہ ”ڪاش، اي منهنجا آقا! اهو خواب توهان جي ويرين لاءِ هجي ها ۽ ان جو تعبير توهان جي دشمنن لاءِ.


پوءِ هو ٽنهي شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟


پوءِ دائود اتان سائول جي لشڪر ۽ ابنير ولد نير کي واڪو ڪري چوڻ لڳو تہ ”اي ابنير! منهنجي ڳالهہ ٻڌ ۽ ان جو جواب ڏي.“ ابنير ورندي ڏيئي پڇيس تہ ”تون آهين ڪير، جيڪو بادشاهہ کي واڪا ڪري ٿو جاڳائين؟“


سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ