Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:7 - Muslim Sindhi Bible

7 مون ٻڌو آهي تہ هي ڏينهن تنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ جا آهن. تنهنجا ڌنار اسان وٽ رهي ويا آهن ۽ اسان انهن کي ڪوبہ نقصان نہ پهچايو هو. اهي جيترو وقت بہ ڪرمل جي آس‌پاس ۾ هئا اوتري وقت تائين سندن ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ هاڻي مون ٻڌو آهي تہ تو وٽ اُن ڪترڻ وارا آهن: اوهان جا ڌنار هاڻي اسان وٽ رهيا آهن، ۽ اسان اُنهن کي ايذاءُ ڪونہ رسايو، ۽ جيترو وقت هو ڪرمل ۾ هئا اوترو وقت اُنهن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:7
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ جڏهن افرائيم جي علائقي جي ڀرسان بعل‌حصور واري هنڌ تي ابي‌سلوم وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي هئي، تڏهن ابي‌سلوم بادشاهہ جي ٻين سڀني پٽن کي دعوت ڏيئي گھرايو.


ابي‌سلوم بادشاهہ وٽ پڻ ويو ۽ کيس چيائين تہ ”هن وقت تنهنجي ٻانهي وٽ رڍن جي اُن جي ڪاتر ٿي رهي آهي، سو آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ بادشاهہ سلامت پنهنجي عملدارن سميت هن ٻانهي سان گڏجي هلي دعوت ۾ شريڪ ٿئي.“


سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“


تہ جيئن اوهين بي‌ڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بي‌عيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


جيڪي ماڻهو ستايل هئا، جيڪي قرضدار هئا ۽ جيڪي باغي ٿي ويا هئا، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا ۽ هو انهن جو سردار ٿيو. اهڙيءَ طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس اچي شامل ٿيا.


ان کان اڳ دائود ڪاوڙ مان سوچي رهيو هو تہ ”مون اهڙي ماڻهوءَ جي سموري مال جي، بيابان ۾ اجايو سنڀال پئي ڪئي، ايتري قدر جو سندس ملڪيت مان ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي. پر هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ