Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:6 - Muslim Sindhi Bible

6 کيس چئجو تہ ’شال تون، تنهنجو گھراڻو ۽ جيڪي بہ تو وٽ آهي سو سڀ سلامت هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ اهو جيڪو سک ۾ ٿو گذاري، تنهن کي چئو، تہ اوهين ٻئي، ۽ اوهان جو گهراڻو، ۽ جيڪي اوهان وٽ آهي، سو سڀ شل سلامت هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منتظم چين تہ ”اوهين دلجاءِ ڪريو، ڊڄو نہ. ضرور اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا ئي اوهان جي ٻورن ۾ خزانو وڌو هوندو. اوهان جا پئسا مون کي ملي چڪا.“ پوءِ هو شمعون کي ڪڍي انهن وٽ وٺي آيو.


تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“


عماسي جيڪو بعد ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ جو سالار ٿيو، تنهن تي خدا جو روح نازل ٿيو ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”اي دائود! اسين تنهنجا آهيون، اي يسيءَ جا پٽ! اسين تنهنجي پاسي آهيون. تو تي ۽ تنهنجي مددگارن تي سلامتي هجي، ڇاڪاڻ تہ خدا تنهنجو مددگار آهي.“ تڏهن دائود انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پنهنجي فوج ۾ کين سالار بڻايائين.


شال تنهنجي ڪوٽن اندر هميشہ امن وَ سلامتي هجي، ۽ تنهنجي محلاتن منجھہ هميشہ خوشحالي هجي.“


آءٌ پنهنجي هم‌قوم عزيزن ۽ ساٿين جي خاطر، يروشلم کي هيئن دعا ٿو ڏيان تہ ”شال تو ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!“


جنهن بہ گھر ۾ وڃو تہ پهريائين انهيءَ گھر جي سلامتي گھرجو.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


ڇاڪاڻ تہ خداوند عيسيٰ تي اوهان جي ايمان قائم رهڻ سان ئي اسان جي بدن ۾ ساهہ آهي.


هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.


پر جيڪا رن‌زال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آهي.


سو دائود پنهنجا ڏهہ نوڪر ڪرمل شهر ڏانهن موڪليا ۽ کين چيائين تہ ”نابال کي وڃي منهنجي پاران سلام چئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ