خداوند عُزياہ بادشاهہ کي ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان سٽي وڌو، جيڪا باقي سڄي زندگي کيس لڳي رهي. هو ڌار گھر ۾ رهندو هو ۽ سندس پٽ يوتام شاهي محل جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ملڪ جو انتظام هلائيندو هو.
سو رحبعام ماڻهن جي هڪ بہ نہ ٻڌي، ڇو تہ اها ڳالهہ خدا جي طرفان طئي ٿيل هئي، تہ جيئن خداوند جيڪي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت يربعام ولد نباط سان ڳالهايو هو سو پورو ٿئي.
جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو.
دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.