Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:32 - Muslim Sindhi Bible

32 تڏهن دائود ابيجيل کي چيو تہ ”شل واکاڻ هجي انهيءَ خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي، جنهن تو کي اڄ مون سان ملڻ لاءِ موڪليو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ دائود ابيجيل کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن توکي اڄ مون سان گڏجڻ لاءِ موڪليو آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ چيائين تہ ”خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جي خدا کي ساراهہ جڳائي، جنهن منهنجي مالڪ تان پنهنجي لافاني شفقت ۽ وفا ڪين هٽائي آهي. خداوند منهنجي رهبري ڪري مون کي منهنجي مالڪ جي مائٽن ۾ وٺي آيو آهي.“


دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“


هن چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي، جنهن پنهنجي زبان سان منهنجي پيءُ دائود سان ڪيل واعدو پورو ڪيو آهي، جو کيس چيو هئائين تہ


عزرا چيو تہ ”خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا جي تعريف هجي، جنهن شهنشاهہ جي دل ۾ اها ڳالهہ وڌي تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گھر آهي، تنهن جي تعظيم ٿئي.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا، ازل کان ابد تائين سڳورو هجي، سڀيئي ماڻهو چون ”آمين.“ خداوند جي واکاڻ ڪريو.


ان وقت آءٌ گھٻرائجي ويو هئس ۽ سوچيو هئم تہ ”آءٌ تنهنجي نظر کان ڪڍيو ويو آهيان.“ پوءِ بہ جڏهن مون تو کي پڪاريو، تڏهن تو منهنجيون منٿون ٻڌي ورتيون.


شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.


سو هن چيو تہ ”سڳورو آهي خداوند، جنهن اوهان کي فرعون ۽ مصرين جي هٿان ڇڏايو. سڳورو آهي خداوند، جنهن پنهنجي قوم کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو،


”خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي.


خدا جو شڪر آهي، جنهن طيطس جي دل ۾ بہ اوهان لاءِ اها ساڳي سرگرمي پيدا ڪئي آهي جيڪا مون ۾ آهي،


اُهو احوال ٻڌي بني اسرائيل مطمئن ٿيا ۽ خدا جو شڪر ڪيائون. سو هنن انهن سان جنگ ڪري انهيءَ ملڪ کي ناس ڪرڻ جو وري ذڪر ڪونہ ڪيو جنهن ۾ بني روبن ۽ بني جد رهندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ