Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تڏهن اها ڳالهہ توهان جي لاءِ ڏک جو سبب نہ ٿيندي، نڪي اوهان جي دل کي رنج پهچائيندي تہ توهان بي‌سبب رت وهايو هو يا اوهان پنهنجو وير ورتو هو. سو جڏهن خداوند منهنجي آقا تي اها مهرباني ڪري، تڏهن پنهنجي هن ٻانهيءَ کي نہ وسارجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تڏهن اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ ڏک جو سبب نہ ٿيندي، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي دل کي رنج ڪندي، تہ تو بي سبب رت وهايو آهي، يا منهنجي ڌڻيءَ پنهنجو وير ورتو آهي: ۽ جڏهن خداوند منهنجي ڌڻيءَ تي مهرباني ڪري تڏهن پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:31
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ.


اهو خدا، جنهن مون کي بدلي وٺڻ جي سگھہ ڏني، جنهن غير قومن کي مات ڪري منهنجي تابع ڪيو،


اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.


پوءِ هن عيسيٰ کي چيو تہ ”اي عيسيٰ! جڏهن اوهين بادشاهہ ٿي اچو، تڏهن مون کي ياد ڪجو.“


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


سو شل خداوند ئي منصف ٿئي ۽ منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪري. شل هو انهيءَ ڳالهہ کي ڏسي مون کي بي‌ڏوهي قرار ڏئي ۽ اوهان جي هٿان ڇڏائي.“


جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،


شل تنهنجي عقلمنديءَ جي ڪري تون برڪت واري هجين. تو اڄ مون کي خون جهڙي ڏوهہ کان ۽ پنهنجي هٿن سان وير وٺڻ کان بچايو آهي.


دائود جا نوڪر ڪرمل شهر ۾ ابيجيل وٽ آيا ۽ کيس چيائون تہ ”دائود اسان کي تو ڏانهن موڪليو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون اسان سان گڏ هلي ساڻس شادي ڪر.“


خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ