Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:28 - Muslim Sindhi Bible

28 آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:28
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

گذريل ڏينهن ۾ جڏهن سائول اسان جو بادشاهہ هو، تڏهن بہ تون ئي جنگين ۾ بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪندو هئين. تڏهن خداوند تو کي چيو تہ ’تون منهنجي قوم بني اسرائيل جي نگهباني ڪندين ۽ انهن جو بادشاهہ ٿيندين.‘“


جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تو کي تنهنجي سڀني دشمنن کان آرام ڏيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ خداوند تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.


تنهنجو گھر ۽ تنهنجي بادشاهت هميشہ منهنجي نظر هيٺ رهندي ۽ تنهنجو تخت هميشہ جي لاءِ قائم ڪيو ويندو.‘“


اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري.


هو اهي سمورا گناهہ ڪندو هو جيڪي هن کان اڳي سندس پيءُ ڪيا هئا. جيئن سندس ابي ڏاڏي دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي.


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


تہ آءٌ بني اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس، جيئن مون تنهنجي پيءُ دائود سان واعدو ڪيو هو. مون کيس چيو هو تہ ’تنهنجي اولاد مان بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


هائو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تنهنجا دشمن تنهنجي اڳيان پڻ جھڪائيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.


اي منهنجا خدا! تو پنهنجي هن ٻانهي کي کولي ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. تنهنڪري ئي تنهنجي هن ٻانهي کي تو کان دعا گھرڻ جو حوصلو ٿيو.


هو چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ يهوسفط! ۽ اي يروشلم وارو، بلڪ سڄي يهوداہ ملڪ جا رهاڪؤ! اوهين سڀ ٻڌو. خداوند فرمائي ٿو تہ ’اوهين بلڪل نہ ڊڄو، نڪي هن وڏي لشڪر کي ڏسي گھٻرايو، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست اوهان جي هٿ ۾ نہ، پر منهنجي هٿ ۾ ئي آهي.


اي خداوند، منهنجا خدا! جيڪڏهن منهنجي هٿن مان ڪو ظلم جو ڪم ٿيو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن دوست سان مون نيڪيءَ جي بدلي بدي ڪئي آهي، بلڪ دشمن جي بديءَ جي بدلي ۾ بہ جيڪڏهن نيڪي ڪري کيس نہ بچايو اٿم، هائو، جيڪڏهن مون کان اهڙو ڪو ڪم ٿيو آهي،


انهيءَ جي نسل مان سدائين ڪو بادشاهہ ٿيندو رهندو، ۽ جيستائين آسمان قائم آهي تيستائين سندس تخت قائم رهندو.


خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي، ۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو. سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.


ساڳيءَ طرح اوهان جي روشني بہ ماڻهن اڳيان ائين چمڪي جو اهي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي اوهان جي پيءُ جي واکاڻ ڪن، جيڪو آسمان تي آهي.“


اسان کي جيڪا سزا ملي آهي سا حقي واجبي آهي، ڇو تہ اسين پنهنجو ڪيتو پيا لوڙيون، پر هن تہ ڪوبہ ڏوهہ نہ ڪيو آهي.“


اهو ڏسي فوجي صوبيدار خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”بيشڪ هي هڪ نيڪ ماڻهو هو.“


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


۽ هنن سڀني ماڻهن کي اها بہ خبر پوندي تہ خداوند تلوار ۽ نيزي سان نہ ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ جنگ جي فتح يا شڪست تہ خداوند جي هٿ ۾ آهي ۽ اهو ئي اوهان کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندو.“


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ٻيو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جيڪو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو. آءٌ انهيءَ جي گھراڻي کي قائم ڪندس ۽ اهي منهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان هميشہ خدمت ڪندا رهندا.


تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اوهان جي سڀني سالارن مان دائود جيڪو اوهان بادشاهہ جو ناٺي ۽ اوهان جي ذاتي محافظن جو سالار پڻ آهي، تنهن جهڙو ايماندار ڪير آهي؟ هو اوهان جي فرمانبرداريءَ لاءِ هر دم تيار ۽ اوهان جي محل ۾ عزت وارو آهي.


سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.


ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو قسم کڻي مون سان واعدو ڪر تہ مون کان پوءِ تون منهنجي نسل کي قتل نہ ڪندين ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي مان منهنجو نالو مِٽائي نہ ڇڏيندين.“


تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.


پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ ”اي منهنجا آقا! اهو ڏوهہ منهنجو ئي ليکيو وڃي. آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي ڪجھہ چوڻ جي اجازت ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌو.


تڏهن فلستي لشڪرن جي سالارن چيو تہ ”هي عبراني هتي ڇو آيا آهن؟“ اڪيس کين وراڻيو تہ ”ڇا هي بني اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو اعليٰ عملدار دائود نہ آهي، جيڪو مون سان هيترا ڏينهن بلڪ هيترا سال گڏ رهيو آهي؟ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي.“


جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ