Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:23
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“


تڏهن اخيمعض رڙ ڪري بادشاهہ کي چيو تہ ”بادشاهہ سلامت رهو.“ پوءِ زمين تي منهن رکي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين ۽ چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي خداوند خدا جي جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن اسان کي انهن ماڻهن تي فتح بخشي جن منهنجي آقا بادشاهہ سان بغاوت ڪئي هئي.“


جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“


دائود جڏهن اوڏانهن ويجھو پهتو، تڏهن اُروناہ دائود کي ڏٺو ۽ پنهنجي اَن ڳاهڻ واري پِڙ مان نڪري دائود جي اڳيان جھڪي منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏنائين.


شاديءَ واري ڏينهن عڪسہ پنهنجي مڙس غتني‌ايل کي ڀڙڪايو تہ ”منهنجي پيءُ کان ڪا وڌيڪ ٻني گھُرون.“ سو جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لٿي تہ ڪالب وٽس اچي پڇيس تہ ”تو کي ڇا کپي؟“


شاديءَ واري ڏينهن عڪسہ پنهنجي مڙس غتني‌ايل کي ڀڙڪايو تہ ”بابي کان ڪجھہ ٻني گھُرون.“ سو هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي، تڏهن ڪالب کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا کپي؟“


تڏهن رُوت منهن ڀر جھڪي کيس تعظيم ڏيئي چيو تہ ”جڏهن تہ آءٌ ڌاري آهيان تہ پوءِ ڪهڙي سبب توهان مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪئي آهي، جو منهنجي ايتري سار لڌي اٿوَ؟“


جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.


تڏهن دائود بہ اٿيو ۽ غار مان نڪري اچي سائول کي سڏي چيائين تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ!“ سائول منهن ورائي پٺتي نهاريو تہ دائود منهن زمين تي رکي کيس تعظيم ڏني


پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ ”اي منهنجا آقا! اهو ڏوهہ منهنجو ئي ليکيو وڃي. آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي ڪجھہ چوڻ جي اجازت ڏيو ۽ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌو.


تڏهن هوءَ اُٿي ۽ پيشاني زمين تي رکي تعظيم ڪري چوڻ لڳي تہ ”آءٌ پنهنجي آقا جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري ٻانهي آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ