Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:2 - Muslim Sindhi Bible

2-3 اُتي ڪالب جي گھراڻي جو هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جنهن جو نالو نابال هو. نابال کي ڪرمل شهر جي آس‌پاس ۾ گھڻي ملڪيت هئي ۽ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. کيس ٽي هزار رڍون ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيون. نابال جي زال جو نالو ابيجيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي سمجھہ واري ۽ خوبصورت عورت هئي. پر سندس مڙس نابال بدمزاج ۽ ڪميڻو هو. نابال جڏهن ڪرمل شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن پئي ڪتري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو.


هو شاهوڪار ٿي پيو. سندس دولت وڌندي ويئي تان جو هو وڏو امير ٿي پيو.


جڏهن لابن پنهنجن رڍن جي اُن ڪترڻ لاءِ ويل هو تہ راخل پنهنجي پيءُ جي گھر جا بت چوري ڪري کڻي ويئي.


جهڙوڪ: ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گھٽا،


ڪنهن ماڻهوءَ تمر کي ٻڌايو تہ ”تنهنجو سهرو تِمناہ ڏانهن پنهنجي رڍن جي اُن ڪترڻ ٿو وڃي.“


برزلي اسي سالن جي عمر جو تمام پوڙهو ماڻهو هو. جيئن تہ هو تمام دولتمند ماڻهو هو، سو جڏهن بادشاهہ محنايم شهر ۾ رهيل هو تڏهن هن بادشاهہ کي کاڌخوراڪ پهچائي هئي.


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


اي خداوند! پنهنجي قدرت ڏيکاري مون کي انهن کان ڇڏاءِ، هائو، دنيا جي انهن ماڻهن کان، جن جو حصو رڳو هن دنيا ۾ آهي. پر جيڪي شيون تو پنهنجي پيارن لاءِ گڏ ڪري رکيون آهن، تن سان شل اهي ڍاول رهن! سندن ٻچن وٽ ايترو تہ گھڻو ڪجھہ هجي، جو اهي پنهنجن ٻارن لاءِ باقي ڇڏي وڃن.


غلام، جيڪو بادشاهہ بڻجيو وڃي، بي‌عقل، جيڪو چاهي سو ٿي وڃي،


انهيءَ کان علاوہ هي شهر هئا: معون، ڪرمل، زيف، يوطہ،


سائول سان ملڻ جي لاءِ سموئيل صبح جو سوير اٿيو. سموئيل کي خبر پيئي تہ سائول ڪرمل شهر ۾ آيو، جتي هن پنهنجي لاءِ هڪڙو يادگار کڙو ڪيو ۽ پوءِ هو موٽي گشت ڪندو جِلجال ڏانهن هيٺ لهي ويو آهي.


تڏهن هو اٿيا ۽ سائول کان اڳ ۾ زيف شهر ڏانهن روانا ٿيا. هوڏانهن دائود ۽ سندس ماڻهو معون بيابان ۾ هئا، جيڪو زيف واري بيابان جي ڏکڻ طرف ميدان ۾ آهي.


دائود جون ٻئي زالون اخي‌نوعم، جيڪا يزرعيل شهر جي هئي ۽ ابيجيل، جيڪا اڳي ڪرمل شهر واري نابال جي زال هئي، اهي بہ قيد ٿي ويون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ