Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين منهنجي اڳيان هلو، آءٌ اوهان جي پٺيان ٿي هلان.“ انهيءَ بابت هن پنهنجي مڙس نابال کي ڪجھہ بہ نہ ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ۽ هن پنهنجن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين منهنجي اڳيان هلو؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي پٺيان ٿي اچان. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي مڙس نابال سان نہ ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن اهي جدا جدا ڌڻن جي صورت ۾ پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيا ۽ کين چيائين تہ ”اوهين مون کان اڳي هلو ۽ ڌڻن جي وچ ۾ ڪجھہ مفاصلو رکجو.“


اهڙيءَ طرح هن ٻئي، ٽئين ۽ سڀني ڌڻن جي پٺيان هلڻ وارن کي هدايت ڪئي تہ ”اوهين جڏهن عيسوءَ سان ملو تہ ائين ئي چئجوس.


وڌيڪ هي بہ چئجوس تہ ’توهان جو خادم يعقوب اسان جي پٺيان اچي رهيو آهي.‘“ ائين چوڻ سان يعقوب جو خيال اهو هو تہ ”هيءَ سوکڙي اڳ ۾ موڪلي آءٌ هن کي ٿڌو ڪندس ۽ بعد ۾ ساڻس ملندس تہ من هو مون کي پنهنجو ڪري.“


سو هن جون سوکڙيون هن کان اڳ ۾ ويون پر هن پاڻ اها رات قافلي ۾ گذاري.


هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري.


سو هڪڙي ڏينهن سائول جي پٽ يونتن پنهنجي پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ پنهنجي هٿياربردار جوان کي چيو تہ ”اچ تہ هُن پار فلستين جي پهريدارن ڏانهن هلون.“


جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تي سوار ٿي جبل جي اوٽ وٽ پهتي، تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو بہ ٻئي پاسي کان لهندا ٿي آيا ۽ اتي هو اوچتو هڪٻئي سان مليا.


تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ