Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تڏهن ابيجيل تڪڙي ٿي ٻہ سؤ مانيون، ۽ ٻہ شراب جون سانداريون، ۽ پنج رڍون پڪل ۽ تيار ٿيل، ۽ پنج ڀُڳل اَن جا ماڻ، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ ٻہ سؤ انجيرن جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن دائود جبل جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي وڌيو، تڏهن مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ساڻس اچي مليو. ضيبا سان گڏ ٻہ زين پيل گڏهہ هئا، جن تي ٻہ سؤ مانيون، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، هڪ سؤ تازا ميوا ۽ هڪڙي سانداري مئي جي رکيل هئي.


ويجھن قبيلن کان علاوہ ڏورانهن قبيلن اِسڪار، زبولون ۽ نفتاليءَ کان وٺي ماڻهن گڏهہ، اٺ، خچر ۽ ڍڳا پئي آندا جيڪي کاڌ خوراڪ جي شين يعني مانين، ميدي مان ٺهيل شين، انجير، ڪشمش، مئي، زيتون جي تيل سان لڏيل هئا. انهن چوپايو مال ۽ رڍون ٻڪريون بہ آنديون. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ لاءِ پئي ڪيو ويو جو بني اسرائيل ۾ خوشي هئي.


تحفو پيش ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ٿو، هائو، انهيءَ سان وڏن ماڻهن وٽ رسائي آسان ٿيو پوي.


ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي.


هوءَ هر وقت ساڻس چڱائي ٿي ڪري، مندائي هرگز نہ ٿي ڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ کيس ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ هو واٽ تي ئي ان سان ٺاهہ ڪري ڇڏي، متان اهو فريادي کيس جج جي حوالي ڪري ۽ جج وري کيس سپاهيءَ جي حوالي ڪري ۽ هو جيل ۾ وڌو وڃي.


هڪڙي ڏينهن يسيءَ پنهنجي پٽ دائود کي چيو تہ ”ڀُڳل اناج جا ڏهہ ڪلوگرام ۽ هي ڏهہ مانيون کڻ ۽ جلدي وڃي لشڪرگاهہ ۾ پنهنجي ڀائرن کي ڏيئي اچ.


تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“


خداوند، بني اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن تو کي نقصان رسائڻ کان مون کي روڪيو آهي، تہ جيڪڏهن تون تڪڙ ڪري مون سان اچي نہ ملين ها تہ يقيناً صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين نابال وٽ هڪڙو ڇوڪر بہ جيئرو نہ بچي ها.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ