Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 25:17 - Muslim Sindhi Bible

17 تنهنڪري هاڻي تون سوچ ۽ ويچار ڪر تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي آقا ۽ سندس سڄي گھراڻي تي آفت نازل ٿيڻ واري آهي. باقي نابال تہ اهڙو خبيث ماڻهو آهي جو ڪوبہ ساڻس ڳالهائي ئي نہ ٿو سگھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 25:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“


ٻہ بدمعاش ماڻهو هن جي سامهون ويهاريو ۽ انهن کان نابوت خلاف شاهدي ڏياريو تہ نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. تنهن کان پوءِ انهيءَ کي ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.“


پوءِ ٻہ بدمعاش ماڻهو اچي نابوت جي سامهون ويٺا ۽ انهيءَ جي خلاف شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”نابوت خدا ۽ بادشاهہ جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي.“ تڏهن نابوت کي شهر کان ٻاهر آندو ويو ۽ کيس سنگسار ڪري ماريو ويو.


ڪي لُچا لُفنگا ماڻهو هن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيا آهن ۽ رحبعام ولد سليمان جي مخالفت شروع ڪئي اٿائون، جڏهن تہ هو اڃا ننڍو ۽ فيصلي ڪرڻ ۾ پختو ڪين هو ۽ نہ وري انهن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ايتري سگھہ هئس.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


شهنشاهہ ڪاوڙ مان اُٿي بيٺو ۽ پنهنجي مئي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر محل جي باغ ۾ هليو ويو. پر هامان اُٿي راڻي آستر کي پنهنجي جيئدان لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هن محسوس ڪيو هو تہ شهنشاهہ کيس جيئرو نہ ڇڏيندو.


عقلمنديءَ جي ڪري ماڻهوءَ جي ساراهہ ڪئي ويندي آهي، مگر بي‌عقل ماڻهوءَ کي حقير ڄاتو ويندو آهي.


ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو.


انهيءَ کان پوءِ جڏهن هو ارام سان ويٺا هئا، تڏهن اوچتو شهر جا ڪي بدڪار ماڻهو ان گھر کي وڪوڙي ويا. هنن در تي سٽڪا لائي ڏنا ۽ گھر جي مالڪ کي چوڻ لڳا تہ ”ڪو ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيو آهي تنهن کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ اسين ساڻس برو فعل ڪريون.“


پر ڪن خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگھندو؟“ انهن هن کي حقير ڄاتو ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون. پر سائول خاموش ئي رهيو.


عيليءَ جا پٽ بدڪار هئا ۽ اهي خداوند جي ڪا پرواهہ نہ ڪندا هئا.


پوءِ جيڪڏهن هو چوي تہ ’ٺيڪ آهي،‘ تہ پوءِ آءٌ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندس، پر جيڪڏهن هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏجانءِ تہ مون کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو اٿس.


تڏهن يونتن چيس تہ ”اهڙي ڳالهہ تون سوچ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها تہ منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ ڇا آءٌ تو کي ٻڌائي نہ ڇڏيان ها؟“


جيترو عرصو اسين انهن سان گڏ رڍون چاريندا رهياسون، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي چوڌاري ڄڻ هڪڙي ڀت هئا.


تڏهن ابيجيل تڪڙ ڪري ٻہ سؤ مانيون، ٻہ مئي جون سانداريون، پنج پڪل رڍون، پنج ماپا ڀُڳل اَناج جا، هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا ۽ ٻہ سؤ سڪل انجير جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکرايون.


آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو آقا هن خبيث ماڻهوءَ نابال ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏئي، ڇو تہ جهڙو سندس نالو آهي تهڙو ئي هو پاڻ احمق آهي. پر مون توهان جي ٻانهيءَ پنهنجي آقا جي موڪليل نوڪرن کي نہ ڏٺو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ