تڏهن جاد دائود وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو فرمان ٻڌايائين. پوءِ کانئس پڇيائين تہ ”ڇا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن سالن تائين ڏڪار پوي؟ يا اوهين ٽن مهينن تائين پنهنجي دشمنن کان ڀڄندا رهو ۽ هو اوهان جو پيڇو ڪندا رهن؟ يا اوهان جي ملڪ ۾ ٽن ڏينهن تائين وبا جي بيماري پوي؟ هاڻي اوهين دل ۾ ويچار ڪري ٻڌايو تہ جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن کي آءٌ ڪهڙو جواب ڏيان؟“