Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تنهنڪري هاڻي خداوند جو قسم کڻي مون سان واعدو ڪر تہ مون کان پوءِ تون منهنجي نسل کي قتل نہ ڪندين ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي مان منهنجو نالو مِٽائي نہ ڇڏيندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تنهنڪري هاڻي مون سان خداوند جو قسم کڻ تہ مون کان پوءِ تون منهنجو نسل وڍي نہ ڇڏيندين، ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجو نالو اصل مٽائي نہ ڇڏيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:21
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي هتي مون سان خدا جو قسم کڻ تہ تون مون سان، منهنجي ٻارن يا منهنجي پوين سان دغا نہ ڪندين. جهڙيءَ طرح آءٌ تو سان وفادار رهيو آهيان، تهڙيءَ طرح تون بہ مون سان ۽ هن ملڪ سان، جنهن ۾ تون پرديسي ٿي رهيو پيو آهين، وفادار رهندين.“


لابن چيو تہ ”اڄ هي ڍڳ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ شاهد آهي.“ انهيءَ ڪري ئي انهيءَ جو نالو جِلعاد رکيو ويو.


شل ابراهيم جو معبود، نحور جو معبود ۽ سندن پيءُ جا معبود پڻ اسان ٻنهي جي وچ ۾ انصاف ڪن.“ تڏهن يعقوب انهيءَ خدا جو قسم کنيو جنهن جو سندس پيءُ اسحاق کي خوف هو.


ڏسو، قسم کڻڻ وقت ماڻهو پاڻ کان ڪنهن وڏي جو ئي قسم کڻندا آهن. اهڙيءَ طرح اهي تڪرار ۾ هر بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ آخري ثابتي قسم سان ئي ڪندا آهن.


کيس چيائين تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ تو تائين ڪين پهچندو، بلڪ تون بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين ۽ تو کان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو. انهيءَ ڳالهہ جي منهنجي پيءُ سائول کي بہ خبر آهي.“


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ