Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ تو مون سان ڪيڏي نہ چڱائي ڪئي آهي، ڇو تہ جڏهن خداوند مون کي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن بہ تو مون کي ڪين ماريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:18
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


تہ پوءِ ڀل مخالف منهنجي پٺيان پون ۽ مون کي اچي پڪڙين. هائو، ڀل اهي منهنجي حياتي لتاڙين، ۽ منهنجي لاش کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين.


ائين ڪرڻ سان اوهين کيس شرمسار ڪندا، ۽ خداوند پڻ اوهان کي اجر عطا ڪندو.


دائود وري پڇيو تہ ”ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟“ خداوند فرمايو تہ ”هو توهان کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.“


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“


ڏسو، توهان پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توهان کي اڄ هن غار ۾ منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو. منهنجي ڪن ماڻهن ائين بہ چيو تہ توهان کي ماري ڇڏيان، پر مون توهان کي جيئدان ڏنو. مون چيو تہ ’آءٌ پنهنجي آقا تي هٿ نہ کڻندس، ڇاڪاڻ تہ هو خداوند جو مسح ڪرايل بادشاهہ آهي.‘


ڀلا ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ ڇا اهو کيس سلامتيءَ سان وڃڻ ڏيندو؟ تنهنڪري شل خداوند تو کي انهيءَ چڱائيءَ جو چڱو بدلو ڏئي جيڪا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو.


تڏهن ابي‌شيءَ دائود کي چيو تہ ”خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ سندس ئي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان کيس ڌرتيءَ ۾ ٽُنبي ڇڏيان. آءٌ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ