Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:17 - Muslim Sindhi Bible

17 ان کان پوءِ هو دائود کي چوڻ لڳو تہ ”تون مون کان وڌيڪ سچار آهين، ڇاڪاڻ تہ تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، توڙي جو مون تو سان برائي ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ اهي شيون سڃاتيون ۽ چيائين تہ ”آءٌ نہ بلڪ هوءَ حق تي آهي، ڇوجو مون هن کي پنهنجي پٽ شيلاہ سان نہ پرڻايو.“ انهيءَ کان پوءِ يهوداہ ساڻس وري نہ ستو.


هو اوهان جي سچائيءَ کي روشنيءَ وانگر ظاهر ڪندو، هائو، هو اوهان جي حق تي هجڻ کي منجھند جي روشنيءَ وانگر پڌرو ڪندو.


تڏهن فرعون ماڻهو موڪلي موسيٰ ۽ هارون کي گھرايو ۽ چيائين تہ ”هن ڀيري مون برابر گناهہ ڪيو آهي. خداوند حق تي آهي ۽ آءٌ ۽ منهنجي قوم قصوروار آهيون.


هن کين چيو تہ ”هڪ بي‌قصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو گناهہ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


ان وقت سائول دائود جو آواز سڃاڻي ورتو. سو چوڻ لڳس تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! ڇا اهو تنهنجو ئي آواز آهي؟“ دائود وراڻيس تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اهو منهنجو ئي آواز آهي.“


تڏهن سائول وراڻيو تہ ”مون گناهہ ڪيو آهي. اي منهنجا پٽ دائود! موٽي اچ. آءٌ تو کي اڳتي ڪڏهن بہ ڪو نقصان نہ پهچائيندس، ڇو تہ اڄوڪي ڏينهن تو منهنجي حياتيءَ کي قيمتي سمجھي مون کي جيئدان ڏنو آهي. بيشڪ مون بي‌وقوفيءَ جو ڪم ڪيو آهي ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ