1.سموئيل 24:14 - Muslim Sindhi Bible14 بني اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ اوهين ڪنهن جي پٺيان پيا آهيو؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان، يا هڪڙي جيتامڙي جي پٺيان؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible14 اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ تون ڪنهن جي پٺيان پيو آهين؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان؛ هڪڙي ڪارڙي جي پٺيان؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابنير اشبوست جي انهيءَ ڳالهہ تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”آءٌ ڪو يهوداہ جي بادشاهہ دائود جو وفادار ڪتو آهيان ڇا؟ اڄ تائين آءٌ تنهنجي پيءُ سائول جي گھراڻي، سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن سان وفاداريءَ سان پيش ايندو رهيو آهيان. مون تو کي پڪڙي دائود جي حوالي ڪين ڪيو آهي، تنهن هوندي بہ اڄ تون مون تي هن عورت جي بنسبت بدڪاريءَ جو الزام ٿو لڳائين!
انهيءَ کان پوءِ دائود بہ پنهنجي گھر موٽيو تہ جيئن پنهنجي ڪٽنب جي سار سنڀال لهي. تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل دائود سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي ۽ کيس چوڻ لڳي تہ ”بني اسرائيل جي بادشاهہ اڄ ڪهڙو نہ پنهنجو نالو ڪڍيو آهي، جو هن پاڻ کي پنهنجي نوڪرن جي ٻانهين جي اڳيان اگھاڙو ڪيو، جيئن ڪو خسيس ماڻهو بيشرم ٿي پاڻ کي اگھاڙو ڪري.“