Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 24:11 - Muslim Sindhi Bible

11 سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 24:11
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود چيس تہ ”تون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪرڻ کان ڇو نہ ڊنين؟“


تڏهن نعمان جا نوڪر وٽس آيا ۽ کيس چيائون تہ ”اي سائين! جيڪڏهن نبي اوهان کي ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ لاءِ چوي ها تہ اوهين اهو نہ ڪريو ها ڇا؟ تہ پوءِ ڇو توهين هن جي چوڻ مطابق غسل نہ ٿا ڪريو، تہ ڇٽي چڱا ڀلا ٿي پئو؟“


هاڻي جي آءٌ پنهنجو ڪنڌ مٿي ٿو کڻان، تہ تون ببر شينهن وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پوندين، ۽ وري وري مون کي پنهنجي عجيب ڪمن جي وسيلي ڏک ڏيندين.


زورآور ماڻهو مون کي بي‌سبب ستائين ٿا، پر منهنجيءَ دل ۾ رڳو تنهنجي فرمان جو ڊپ آهي.


شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي.


ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بي‌سبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.


ڏس، هو منهنجي جان وٺڻ لاءِ تاڙيو ويٺا آهن. اهي خونخوار ماڻهو منهنجي خلاف گڏ ٿيا آهن. اي خداوند! توڙي جو منهنجو ڪوبہ گناهہ يا خطا ناهي،


تہ پوءِ ڀل مخالف منهنجي پٺيان پون ۽ مون کي اچي پڪڙين. هائو، ڀل اهي منهنجي حياتي لتاڙين، ۽ منهنجي لاش کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏين.


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.


دشمن اسان جي پٺيان لڳا ٿي وتيا، سو اسين گھٽين ۾ بہ گھمي ڦري نہ ٿي سگھياسين. اسان جا ڏينهن اچي پورا ٿيا هئا، هائو، اسان جي پڇاڙي اچي پهتي هئي.


مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’ويل آهي اوهان عورتن لاءِ! جيڪي هر ڪنهن هٿ جي ويڻيءَ لاءِ جادوءَ وارو تعويذ ٿيون سبو ۽ هر ڪنهن مٿي لاءِ جادوءَ وارو رومال ٿيون ٺاهيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ماڻهو ٻين ماڻهن کي شڪار ڪن. اوهين منهنجي قوم جي ماڻهن جو شڪار ڪرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪنديون رهنديون ڇا؟


ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هم‌وطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


اِجھو آءٌ حاضر آهيان. سو اوهين خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي اڳيان ڀلي مون تي شاهدي ڏيو تہ ڇا مون ڪنهن کان ڪو ڏاند يا گڏهہ کسيو آهي؟ ڇا مون ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪئي آهي؟ يا ڪنهن تي ڪو ظلم ڪيو اٿم؟ ڇا مون ڪنهن کان رشوت وٺي ڪنهن جو ڏوهہ نظرانداز ڪيو آهي؟ ٻڌايو، جيڪڏهن مون انهن مان ڪوبہ ڪم ڪيو آهي تہ اهو موٽائي ڏيڻ لاءِ آءٌ حاضر آهيان.“


دائود اٿيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي ساڻ ڪري فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماري، انهن جون طهر واريون کلڙيون کڻي آيو. هنن اهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون تہ جيئن دائود سندس ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل دائود کي پرڻائي ڏني.


دائود زيف شهر جي ويجھو بيابان واري جابلو علائقي ۾ وڃي لڪي رهڻ لڳو. سائول روزانو دائود جي ڳولا ڪندو پئي رهيو، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو.


تنهنڪري ڏسو، هن جي لڪڻ واريون سڀ جايون معلوم ڪريو ۽ پڪي معلومات کڻي وري مون وٽ اچو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس ۽ جيڪڏهن هو يهوداہ ملڪ ۾ هوندو تہ آءٌ انهيءَ پوري ملڪ مان هن کي ڳولي ڪڍندس.“


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”اي منهنجا آقا! توهين ڇو پنهنجي ٻانهي جي پٺيان پيا آهيو؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجي هٿان ڪهڙو قصور ٿيو آهي؟


سو هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي وهايو وڃي. ڇو بني اسرائيل جو بادشاهہ مون جيتامڙي کي مارڻ لاءِ ائين نڪتو آهي، جيئن ڪو ماڻهو جبلن ۾ تترن جي شڪار لاءِ نڪرندو آهي؟“


خداوند پاڻيهي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو. خداوند اڄ تو کي منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ تي مون پنهنجو هٿ کڻڻ نہ گھريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ