Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:9 - Muslim Sindhi Bible

9 دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ سليمان ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجب‌القتل آهين، پر في‌الحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“


”مون کي پڪاريو تہ آءٌ اوهان کي جواب ڏيان ۽ وڏيون ۽ ڳجھيون ڳالهيون ٻڌايان، جن جي اوهان کي خبر ئي ناهي.


بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.


يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


جڏهن انهن کي اها خبر پئجي ويئي تہ هو هڪدم اتان نڪري لوڪئنيا علائقي جي شهرن لسترا ۽ دربي ۽ انهن جي آس‌پاس وارن علائقن ڏانهن هليا ويا.


پر سائول کي سندن انهيءَ سازش جي خبر پئجي ويئي. سو جڏهن اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي انهيءَ تاڙ ۾ رهڻ لڳا تہ کيس مارين،


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


انهيءَ ڏينهن خدا جي عهد واري صندوق اتي بني اسرائيل وٽ آندي ويئي هئي. سو سائول اخياہ ڪاهن کي چيو تہ ”خدا جي صندوق هتي کڻي اچ.“


مگر اخيملڪ ولد اخيطوب جو هڪڙو پٽ، جنهن جو نالو ابي‌ياتر هو سو بچي ويو ۽ ڀڄي دائود وٽ اچي نڪتو.


پوءِ دائود چوڻ لڳو تہ ”اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تنهنجي هن ٻانهي ٻڌو آهي تہ سائول قعيلہ ۾ اچي منهنجي ڪري شهر کي برباد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.


جڏهن ابي‌ياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.


پوءِ سائول سڀني ماڻهن کي سڏايو تہ جيئن قعيلہ شهر ۾ لهي دائود ۽ سندس ماڻهن کي گھيرو ڪن.


پوءِ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مون کي مذهبي وڳو آڻي ڏي.“ تڏهن ابي‌ياتر اهو کڻي دائود وٽ آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ