29 پوءِ دائود اتان نڪري عينجديءَ جي پهاڙي علائقي ۾ وڃي رهڻ لڳو.
29 پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو.
پوءِ هو موٽي عينمِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصونتمر ۾ رهندا هئا.
تڏهن ڪن ماڻهن اچي يهوسفط کي ٻڌايو تہ ”کاري سمنڊ جي پرينءَ ڀر ادوم کان هڪڙو وڏو لشڪر توهان تي ڪاهيو ٿو اچي. اهي حصيصونتمر (يعني عينجديءَ) تي اڳ ۾ ئي قبضو ڪري چڪا آهن.“
اي منهنجا محبوب! تون منهنجي لاءِ انهيءَ مينديءَ جي ڇڳي جيان آهين، جيڪا عينجديءَ جي انگورن جي باغن ۾ هوندي آهي.
عينجديءَ جي چشمي کان وٺي عينعجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.
نبسان، لوڻ جو شهر ۽ عينجدي، ڪل ڇهہ شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت.
سو سائول دائود جو پيڇو ڇڏي فلستين جي مقابلي لاءِ موٽي آيو. انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو ”بچي نڪرڻ جو ٽڪر“ پئجي ويو.
سائول جڏهن فلستين سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ موٽيو، تڏهن ماڻهن ٻڌايس تہ ”دائود عينجديءَ جي رڻپٽ ۾ آهي.“
تڏهن دائود سائول سان قسم کڻي واعدو ڪيو. پوءِ سائول گھر روانو ٿي ويو، جڏهن تہ دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهيءَ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو.