Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:18
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


هڪڙي ڏينهن دائود پڇيو تہ ”ڇا سائول جي گھراڻي مان ڪو باقي بچيو آهي؟ جي آهي، تہ آءٌ انهيءَ تي يونتن جي خاطر مهرباني ڪريان.“


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.


تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهي سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪر، ڇو تہ تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي آڏو عهد اقرار ڪيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان ڪو قصور ٿيو هجي تہ تون پاڻ ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏ، مگر تون مون کي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڇو ٿو ڏئين؟“


پوءِ دائود نوب شهر ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو. اخيملڪ ڏڪندي دائود سان ملڻ لاءِ نڪري آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تون ڇو اڪيلو آيو آهين؟ ڇو تو سان ٻيو ڪوبہ ڪونهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ