Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:17 - Muslim Sindhi Bible

17 کيس چيائين تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ تو تائين ڪين پهچندو، بلڪ تون بني اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين ۽ تو کان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو. انهيءَ ڳالهہ جي منهنجي پيءُ سائول کي بہ خبر آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:17
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ خداوند مون سان آهي، سو آءٌ ڊڄڻ وارو نہ آهيان. انسان مون کي ڇا ڪري سگھندو؟


جيڪڏهن ڪو خداوند جو خوف رکندو، تہ خداوند هن جي ۽ سندس ڪٽنب جي مضبوط پناهہ‌گاهہ بڻبو.


ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو.


اي خداوند جي قوم! اوهين جيڪي ڪمزور ٿي پيا آهيو سي همت وارا ٿيو، ۽ جيڪي خوف وچان ڏڪو ٿا سي دلجاءِ ڪريو.


اوهين ڊڄڻيءَ دل وارن کي هي چئي همتايو تہ ”اوهين ڊڄو نہ، بلڪ همت ڌاريو، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بچائڻ جي لاءِ اچي رهيو آهي. هائو، هو اچي رهيو آهي تہ جيئن اسان جي دشمنن کي سزا ڏيئي کانئن اسان جو پورو پورو بدلو وٺي.“


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين جيتوڻيڪ ٿورا ۽ ڪمزور آهيو، تہ بہ اوهين نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو مددگار آهيان. هائو، آءٌ اوهان جو ڇڏائيندڙ ۽ پاڪ معبود آهيان.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پيءُ جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۾ شامل ڪري.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


پر جيڪڏهن اهو خدا جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي غالب پئجي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين خدا جي مخالفت ڪندا.“ ڪائونسل گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي.


سو جڏهن آءٌ اسپين ملڪ ڏانهن ويندس، تڏهن اميد آهي تہ اوهان وٽان ٿيندو ويندس، تہ جيئن اوهان جي پيار مان منهنجي دل ڪجھہ قدر ڀرجي. پوءِ اوهين مون کي اسپين ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مدد ڪجو.


تنهنڪري اسين پوري يقين سان چئي ٿا سگھون تہ ”خداوند منهنجو مددگار آهي، سو آءٌ ڪين ڊڄندس. انسان مون کي ڇا ٿو ڪري سگھي؟“


جيستائين يسيءَ جو پٽ هن ڌرتيءَ تي جيئرو آهي تيستائين نڪي تون بادشاهہ ٿيندين ۽ نہ وري تنهنجي حڪومت قائم ٿيندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گھرائي مون وٽ آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضروري آهي.“


تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو ئي تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي. تون مون سان گڏ صحيح سلامت رهندين.“


ڀلا ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ ڇا اهو کيس سلامتيءَ سان وڃڻ ڏيندو؟ تنهنڪري شل خداوند تو کي انهيءَ چڱائيءَ جو چڱو بدلو ڏئي جيڪا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو قسم کڻي مون سان واعدو ڪر تہ مون کان پوءِ تون منهنجي نسل کي قتل نہ ڪندين ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي مان منهنجو نالو مِٽائي نہ ڇڏيندين.“


تڏهن دائود کي سندس ماڻهن چيو تہ ”اڄ اهو ڏينهن اچي ويو آهي، جنهن بابت خداوند تو کي فرمايو هو تہ ’آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ جيئن تو کي وڻي تيئن ساڻس ڪجانءِ.‘“ سو دائود اُٿي چپ چاپ وڃي سائول جي جبي جو دامن ڪپي کڻي آيو.


جڏهن خداوند منهنجي آقا کي اهي چڱيون شيون عطا ڪندو، جن بابت توهان سان واعدو ڪيو اٿائين ۽ توهان کي بني اسرائيل مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ