Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 23:12 - Muslim Sindhi Bible

12 دائود وري پڇيو تہ ”ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟“ خداوند فرمايو تہ ”هو توهان کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 23:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪو فاني انسان، پوءِ اهو وڏو سردار ئي ڇونہ هجي، تنهن تي آسرو رکڻ کان، خداوند تي توڪل ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.


اي خداوند! منهنجو ڀروسو تو تي ئي آهي، سو هر صبح جو مون کي پنهنجي ٻاجھہ عطا ڪر، ۽ جنهن واٽ تي مون کي هلڻ کپي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ منهنجي دل تو سان ئي لڳل آهي.


تو مون کي دشمن جي هٿ قيدي بڻائي نہ رکيو آهي، بلڪ تو مون کي آزادي عطا ڪئي آهي.


آءٌ رڳو خدا ۾ ئي صبر سان آس رکان ٿو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي منهنجي حفاظت ڪري ٿو.


ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي خداوند سان ويساگھاتي ڪندي پنهنجا منصوبا هن کان لڪائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن. اهي ڳجھيءَ طرح منصوبا جوڙي سمجھن ٿا تہ ”اسان کي ڪوبہ نہ ٿو ڏسي ۽ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.“


اهو خداوند ئي هو جنهن مون يرمياہ خلاف دشمنن جي سازش کي مون تي ظاهر ڪيو.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


يهوداہ جي ماڻهن کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڇو اسان تي چڙهي آيا آهيو؟“ هنن جواب ڏنو تہ ”اسين سمسون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هن اسان سان ڪيو آهي، تيئن ئي اسين بہ ساڻس ڪريون.“


پوءِ ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟ ڇا جيئن تنهنجي هن ٻانهي ٻڌو آهي، تيئن سائول هيڏانهن ايندو؟ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي.“ خداوند وراڻيو تہ ”هو ايندو.“


تنهنڪري اي بادشاهہ سلامت! توهان پنهنجي دل جي خواهش پوري ڪرڻ لاءِ اسان جي علائقي ۾ هلو. اهو اسان جو ذمو آهي تہ اسين دائود کي آڻي توهان جي هٿن ۾ ڏينداسين.“


سائول کي جڏهن خبر پيئي تہ دائود قعيلہ شهر ۾ آيو آهي، تڏهن هو چوڻ لڳو تہ ”خدا دائود کي منهنجي چنبي ۾ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو اهڙي شهر ۾ اچي گھڙيو آهي جنهن کي چوڌاري ڪوٽ آهي، سو هو هاڻي قيد ۾ آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ