Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:7
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود پنهنجي انهن ماڻهن مان جوان ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو. پوءِ هن انهن جا هزار هزار جا ٽولا ۽ انهن ۾ وري سؤ سؤ جون ٽوليون ٺاهي مٿن مختلف سالار مقرر ڪيا.


اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.


بنيامين ۽ يهوداہ قبيلن جا ڪجھہ ماڻهو قلعي ۾ دائود وٽ آيا.


جيئن وڻ جي وڍيل ٿُڙ مان نوان ڏار ڦٽي نڪرندا آهن، ۽ اهي وڌي ڦلدار ٿيندا آهن، تيئن يسيءَ جي پٽ دائود جي اولاد مان هڪڙو نئون بادشاهہ پيدا ٿيندو.


انهيءَ وقت يسيءَ جي پٽ دائود جي نسل مان اهو بادشاهہ اٿي کڙو ٿيندو، جنهن جي جھنڊي هيٺ سڀيئي قومون اچي گڏ ٿينديون ۽ سندس شاهي شهر وڏي شان وارو ٿيندو.


دائود هر ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو ڇو تہ خداوند ساڻس گڏ هو.


نئين چنڊ جي عيد جي ٻئي ڏينهن بہ دائود جي جاءِ خالي رهي. تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کان پڇيو تہ ”ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو ۽ نہ اڄ؟“


تڏهن سائول يونتن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي فسادي عورت جا پٽ! هاڻ مون کي خبر پيئي تہ تون يسيءَ جي پٽ جي طرفداري ٿو ڪرين ۽ پاڻ کي ۽ جنهن تو کي ڄڻيو آهي تنهن کي بہ ذليل ٿو ڪرين.


پوءِ سائول چيس تہ ”تو ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي؟ تو هن کي ماني ۽ تلوار ڏني ۽ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي خلاف کڙو ٿئي ۽ منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.“


تڏهن دوئيگ ادومي، جيڪو سائول جي سالارن سان گڏ بيٺو هو، تنهن ورندي ڏني تہ ”مون يسيءَ جي پٽ کي نوب شهر ۾ اخيملڪ ولد اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو آهي.


تڏهن نابال دائود جي نوڪرن کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اهو دائود ڪير ٿيندو آهي؟ اهو يسيءَ جو پٽ ڪير ٿيندو آهي؟ اڄڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن، جيڪي پنهنجن مالڪن وٽان ڀڄي ٿا نڪرن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ