Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مگر اخيملڪ ولد اخيطوب جو هڪڙو پٽ، جنهن جو نالو ابي‌ياتر هو سو بچي ويو ۽ ڀڄي دائود وٽ اچي نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صدوق ڪاهن ۽ ابي‌ياتر بہ انهن سڀني لاوين سان گڏ آيا، جيڪي خدا جي عهد واري صندوق کڻي هليا هئا. هنن خدا جي عهد واري صندوق تيستائين اتي رکي ڇڏي، جيستائين سڀ ماڻهو شهر مان نڪري پار نہ ٿيا.


سوا شاهي محرر هو ۽ صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهن هئا.


پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابي‌ياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.


پوءِ دائود، صدوق ۽ ابي‌ياتر ڪاهنن کي ۽ لاوين مان اوري‌ايل، عساياہ، يوايل، سمعياہ، الي‌ايل ۽ عمينداب کي سڏايو.


صدوق ولد اخيطوب ۽ ابيملڪ ولد ابي‌ياتر ڪاهن هئا، شراياہ شاهي محرر هو،


تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


انهن ۾ اخياہ بہ مذهبي وڳو پايو ويٺو هو. هو يڪبود جي ڀاءُ اخيطوب بن فينحاس بن عيلي جو پٽ هو. عيلي سيلا شهر ۾ خداوند جو ڪاهن هو. ماڻهن کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


تنهن هوندي بہ تنهنجي اولاد مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي آءٌ جيئرو رهڻ ڏيندس، جيڪو منهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت ڪندو رهندو. پر اهو هن جي اکين کي ڳارڻ ۽ سندس دل کي ڏک ڏيڻ لاءِ هوندو، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي گھراڻي ۾ باقي جيڪو اولاد ڄمندو سو جوانيءَ ۾ ئي مري ويندو.


ابي‌ياتر دائود کي ٻڌايو تہ ”سائول خداوند جي ڪاهنن کي مارائي ڇڏيو آهي.“


جڏهن ابي‌ياتر ولد اخيملڪ ڀڄي دائود وٽ قعيلہ ۾ آيو هو تہ پاڻ سان مذهبي وڳو بہ کڻي آيو هو.


دائود کي جڏهن اها خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جا منصوبا پيو جوڙي، تڏهن هن ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مذهبي وڳو کڻي اچ.“


پوءِ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”مون کي مذهبي وڳو آڻي ڏي.“ تڏهن ابي‌ياتر اهو کڻي دائود وٽ آيو.


تڏهن بنيامين قبيلي جو هڪڙو ماڻهو جنگ جي ميدان کان ڀڄندو ساڳئي ئي ڏينهن اچي سيلا ۾ پهتو. هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ