1.سموئيل 22:18 - Muslim Sindhi Bible18 تڏهن بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ ”تون اُٿ ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر.“ پوءِ دوئيگ ادوميءَ اُٿي ڪاهنن تي حملو ڪيو. انهيءَ ڏينهن هن پنجاسي ڪاهن ماريا، جيڪي سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پائيندا هئا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible18 ۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي يروشلم وارؤ! اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيندو، جو اوهان اسرائيل ملڪ جي بادشاهہ عمري ۽ سندس پٽ بادشاهہ اخياب جي گناهن وارن عملن جي پيروي ڪئي آهي. جيئن تہ اوهين انهن جي رستي تي هلندا رهيا آهيو، تنهنڪري هاڻ، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي شهر يروشلم کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هر قوم جا ماڻهو اوهان تي ٺٺوليون ڪندا، ۽ اوهين خوار خراب ڪيا ويندا.“