1.سموئيل 22:17 - Muslim Sindhi Bible17 پوءِ بادشاهہ پنهنجي آسپاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ”اُٿو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ دائود سان گڏ سازش ۾ هنن جو بہ هٿ آهي، جو هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي. تڏهن بہ هنن اها ڳالهہ مون کي نہ ٻڌائي.“ پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ کڻڻ نہ چاهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible17 ۽ بادشاهہ پنهنجي آس پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ڦرو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هنن جو هٿ بہ دائود سان آهي، ۽ ڇالاءِ تہ هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي پر هنن اها ڳالهہ مون کي ظاهر ڪري نہ ٻڌائي. پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
ابيسلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي.
جڏهن هنن ساڙڻ واريون قربانيون ڪري بس ڪئي، تڏهن ييهوءَ پنهنجي پهريدارن ۽ سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اندر گھڙي وڃي سڀني کي قتل ڪري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ بچي نڪرڻ نہ ڏيو.“ سو هو اندر گھڙي ويا ۽ انهن کي تلوارن سان ماري ڇڏيائون. پوءِ پهريدارن ۽ سالارن انهن جي لاشن کي گهلي ٻاهر اڇلايو ۽ بعل جي پوڄا گھر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ ويا.