Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 22:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اخيملڪ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو. پوءِ کيس ماني ڏنائين ۽ جالوت فلستيءَ جي تلوار بہ ڏنائينس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 22:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يشوع اليعزر ڪاهن وٽ پيو ايندو رهندو، جيڪو اليعزر جي طرفان مون خداوند جي حضور مان اُوريم ۽ ٿُميم جي ذريعي منهنجي مرضي معلوم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح اليعزر اندر ٻاهر اچڻ وڃڻ ۾ يشوع ۽ سڄيءَ قوم جي رهنمائي ڪندو.“


سو خداوند کان وري پڇيو ويو تہ ”ڇا اهو ماڻهو اڃا هتي نہ آهي؟“ تڏهن خداوند جي طرفان ورندي ڏني ويئي تہ ”ڏسو، هو سامان جي وچ ۾ لڪو ويٺو آهي.“


پوءِ ساڳئي ڏينهن دائود سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ آيو.


تڏهن ڪاهن اخيملڪ ولد اخيطوب ۽ سندس پيءُ جي گھراڻي وارا ڪاهن جيڪي نوب شهر ۾ رهندا هئا تن سڀني کي بادشاهہ ماڻهو موڪلي پاڻ وٽ گھرايو. سو اهي سڀيئي بادشاهہ وٽ آيا.


پوءِ سائول چيس تہ ”تو ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي خلاف سازش ڪئي آهي؟ تو هن کي ماني ۽ تلوار ڏني ۽ هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ منهنجي خلاف کڙو ٿئي ۽ منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.“


پر ڇا انهيءَ ڏينهن مون پهريون دفعو هن جي باري ۾ خداوند کان معلوم ڪيو هو؟ هرگز نہ. بادشاهہ پنهنجي هن ٻانهي تي يا منهنجي پيءُ جي سڄي گھراڻي تي ڪوبہ الزام نہ هڻي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ سڄي معاملي جي ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گھڻي.“


دائود وري پڇيو تہ ”ڇا قعيلہ جا ماڻهو مون کي ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندا؟“ خداوند فرمايو تہ ”هو توهان کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا.“


تڏهن دائود خداوند کان پڇيو تہ ”آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار ۽ قعيلہ شهر کي بچاءِ.“


تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، تنهن تي خداوند وراڻي ڏنس تہ ”اُٿ، قعيلہ شهر ڏانهن لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي فلستين مٿان فتح ڏيندس.“


دائود خداوند کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن آءٌ انهيءَ لشڪر جو پيڇو ڪريان تہ انهيءَ کي پهچي سگھندس يا نہ؟“ خداوند وراڻيس تہ ”پيڇو ڪر، تون ضرور انهن کي وڃي پهچندين ۽ کانئن سڀ ڪجھہ ڇڏائي وٺندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ