Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تنهنڪري تون پنهنجي ٻانهي سان مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪر، ڇو تہ تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي آڏو عهد اقرار ڪيو آهي. پر جيڪڏهن مون کان ڪو قصور ٿيو هجي تہ تون پاڻ ڀلي مون کي قتل ڪري ڇڏ، مگر تون مون کي پنهنجي پيءُ جي هٿ ۾ ڇو ٿو ڏئين؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيڪڏهن اوهين منهنجي مالڪ سان مهربانيءَ ۽ وفا سان پيش اچڻ گھرو ٿا تہ مون کي ٻڌايو ۽ جي نہ، تہ بہ مون کي ٻڌايو، پوءِ آءٌ سوچيندس تہ ڇا ڪرڻ گھرجي.“


جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.


ابي‌سلوم يوآب کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جڏهن مون تو ڏانهن چوائي موڪليو تہ مون وٽ اچ، تڏهن تو اچڻ کان انڪار ڪيو. مون چاهيو ٿي تہ تو کي بادشاهہ ڏانهن موڪليان، جيئن تون کيس چوين تہ آءٌ جسُور کان ڇو آيو آهيان. انهيءَ کان چڱو هو تہ آءٌ اتي ئي هجان ها. تنهنڪري هاڻي تون مون کي بادشاهہ جي منهن چڙهڻ ڏي. پوءِ جيڪڏهن منهنجو ڪو قصور هجي تہ ڀلي هو مون کي ماري ڇڏي.“


تڏهن دائود انهن جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهين نيڪ ارادن سان منهنجي مدد ڪرڻ آيا آهيو تہ پوءِ آءٌ اوهان کي ڀليڪار چوان ٿو ۽ اوهين مون سان شامل ٿي وڃو. پر جيڪڏهن مون کي منهنجي دشمنن جي حوالي ڪرڻ جي نيت سان آيا آهيو، توڙي جو مون اوهان سان ڪابہ بڇڙائي نہ ڪئي آهي تہ پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا، جيڪو انهيءَ ڳالهہ کي ڄاڻي ٿو سو ئي اوهان سان پڄندو.“


تڏهن آءٌ ايترو تہ ڏهڪاءَ ۾ هئس جو مون چيو هو تہ ”سڀيئي ماڻهو ڪُوڙا آهن، ڪوبہ ڀروسي جهڙو ناهي.“


ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو.


جيڪڏهن آءٌ ڏوهاري آهيان ۽ موت جي سزا جوڳو ڪم ڪيو اٿم تہ مون کي مرڻ کان انڪار ڪونہ آهي. پر جن ڳالهين جي اهي مون تي تهمت هڻن ٿا، سي سچيون ڪين آهن. پوءِ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي اهو حق نہ آهي تہ هو مون کي انهن جي حوالي ڪري. تنهنڪري آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“


تڏهن انهن وراڻيس تہ ”شل خدا اسان جي جان وٺي جيڪڏهن اسين ائين نہ ڪريون جيئن چئون ٿا. جيڪڏهن تون اسان جي هيءَ ڳالهہ ظاهر نہ ڪندينءَ تہ پوءِ جڏهن خداوند اسان کي هي ملڪ ڏيندو تڏهن اسين تو سان مهربان ۽ وفادار رهنداسين.“


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


هن ٻنهي ننهن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پنهنجي سڳين مائرن وٽ موٽي وڃو. شل خداوند اوهان سان بہ اهڙي ئي مهرباني ڪري، جهڙي اوهان پنهنجي مري ويل مڙسن ۽ مون سان ڪئي آهي.


دائود جڏهن سائول سان ڳالهائي بس ڪئي، تنهن ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي پاڻ وٽ رکيو ۽ کيس سندس پيءُ جي گھر ڏانهن موٽي وڃڻ نہ ڏنائين. هوڏانهن سائول جي پٽ يونتن جي دائود سان ايتري تہ دل اٽڪي ويئي جو هو دائود سان پنهنجيءَ جان جيان محبت ڪرڻ لڳو


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


اهڙيءَ طرح يونتن دائود جي گھراڻي سان عهد اقرار ڪيو ۽ چيائين تہ ”شل خداوند دائود جي دشمنن کان انهيءَ جو بدلو وٺي.“


تڏهن يونتن چيس تہ ”اهڙي ڳالهہ تون سوچ بہ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها تہ منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ ڇا آءٌ تو کي ٻڌائي نہ ڇڏيان ها؟“


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ