Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:41 - Muslim Sindhi Bible

41 جڏهن ڇوڪر هليو ويو، تڏهن دائود پٿرن جي ڍير پٺيان نڪري آيو ۽ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر جھڪي يونتن کي سلام ڪيائين. پوءِ هنن ٻنهي روئندي هڪٻئي کي چميو ۽ دائود هن کان وڌيڪ رنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

41 جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:41
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ راخل جي پيشاني چمي خوشيءَ وچان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳو.


جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي تہ ساڻس ملڻ لاءِ ڊوڙندو آيو. کيس ڀاڪر پائي چميائين ۽ پنهنجي گھر وٺي آيس. جڏهن يعقوب لابن کي سڄو احوال ٻڌايو،


تڏهن عيسوءَ کيس گڏجڻ لاءِ وٺي ڊڪ پاتي. کيس ڀاڪر ڀري ڇاتيءَ سان لائي چميائينس ۽ ٻيئي ڄڻا روئي ويٺا.


يوسف ملڪ جو وزير اعظم هو ۽ هن ئي ملڪ جي سڀني ماڻهن کي اناج پئي وڪيو. سو يوسف جا ڀائر آيا ۽ اچي يوسف جي اڳيان زمين تي جھڪي کيس سلام ڪيائون.


هنن جواب ڏنو تہ ”توهان جو ٻانهو، اسان جو پيءُ چڱو ڀلو آهي ۽ اڃا حيات آهي.“ پوءِ هو وري هن جي اڳيان جھڪيا.


هو پنهنجي سڀني ڀائرن سا روئي مليو ۽ کين چميائين. تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


ٽئين ڏينهن تي هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪر‌گاهہ کان آيو، جنهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ مٿي ۾ مٽي وڌي هئائين. هو جڏهن دائود وٽ پهتو تہ زمين تي پيشاني رکي کيس تعظيم ڏنائين.


اي يونتن، منهنجا پيارا ڀاءُ! مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي. تون مون کي ڏاڍو وڻندو هُئين، جڏهن تہ تنهنجي بہ مون سان عجيب الفت هئي، هائو، عورت جي محبت کان بہ وڌ تنهنجي مون سان محبت هئي.


جڏهن تقوع شهر واري اها عورت بادشاهہ وٽ پهتي، تڏهن سندس اڳيان زمين تي منهن ڀر ڪري سندس تعظيم ڪري کيس چوڻ لڳي تہ ”اي بادشاهہ! منهنجي واهر ڪريو.“


تڏهن بادشاهہ سان گڏ سڀيئي ماڻهو اردن درياءُ ٽپي پار آيا. پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چمي ڏيئي کيس دعا ڪئي ۽ برزلي پنهنجي گھر ڏانهن موٽي هليو ويو.


جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“


بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏني ۽ بادشاهہ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“


بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ ناتن نبي آيو آهي. جڏهن ناتن نبي بادشاهہ جي اڳيان آيو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏنائين.


تڏهن بت‌سبع ڪنڌ جھڪائي بادشاهہ کي تعظيم ڏيئي چيو تہ ”شل منهنجو آقا بادشاهہ دائود سدائين سلامت رهي!“


هو سڀيئي زاروزار رنا ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائون.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


پوءِ يونتن پنهنجا هٿيار انهيءَ ڇوڪر کي ڏنا ۽ چيائينس تہ ”اهي شهر ڏانهن کڻي وڃ.“


۽ چيائينس تہ ”توهين انهن ماڻهن جي ڳالهہ ڇو ٿا ٻڌو، جيڪي چون ٿا تہ ’دائود توهان کي نقصان پهچائڻ ٿو گھري‘؟


جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جھٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان زمين تي منهن رکي کيس تعظيم ڏنائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ