Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:29 - Muslim Sindhi Bible

29 هن چيو تہ ’آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اسان جي گھراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اتي حاضر رهڻ لاءِ چيو آهي. هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃي پنهنجي ڀائرن سان ملان.‘ اهو ئي سبب آهي جو هو توهان جي دسترخوان تي حاضر نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:29
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سموئيل وراڻيو تہ ”آءٌ ڪيئن وڃان؟ ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌي تہ هو مون کي ماري ڇڏيندو.“ خداوند چيس تہ ”هڪڙي گابي پاڻ سان ڪاهہ ۽ چئج تہ ’آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.‘


سندس وڏي ڀاءُ الياب ماڻهن سان اهي ڳالهيون ڪندي کيس ٻڌي ورتو، سو هو دائود تي ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو کيس چوڻ لڳو تہ ”تون هتي ڇو آيو آهين؟ پنهنجيون رڍون ٻڪريون جھنگ ۾ ڪنهن وٽ ڇڏي آيو آهين؟ تنهنجي مغروريءَ ۽ شرارت کي آءٌ ڄاڻان ٿو، ها، تون جنگ ڏسڻ لاءِ ئي هتي آيو آهين.“


يونتن سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”دائود ڏاڍي نيزاريءَ سان مون کان بيت‌لحم ڏانهن وڃڻ جي موڪل گھري هئي.


تڏهن سائول يونتن تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ کيس چوڻ لڳو تہ ”اي فسادي عورت جا پٽ! هاڻ مون کي خبر پيئي تہ تون يسيءَ جي پٽ جي طرفداري ٿو ڪرين ۽ پاڻ کي ۽ جنهن تو کي ڄڻيو آهي تنهن کي بہ ذليل ٿو ڪرين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ