20 آءٌ انهيءَ پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ ڪو نشان چٽي رهيو هوندس.
20 ۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم.
پرينهن تون شام ٿيندي ئي روانو ٿجانءِ ۽ انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃجانءِ جتي تون اڳ ۾ بہ لڪو هئين. اتي تون پٿرن جي ڍير جي پٺيان لڪي ويهجانءِ.
پوءِ آءٌ هڪڙي ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ ’وڃي تير ڳولي کڻي اچ.‘ پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تون پري نڪري ويو آهين. پر تير تو کان اوريان آهن. اهي وڃي کڻي اچ،‘ تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئري خداوند جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ جوکو ڪونهي.
هن انهيءَ ڇوڪر کي چيو تہ ”جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ.“ جيئن اهو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو تيئن هن هڪ تير کانئس پري اڇلايو.