Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اهڙيءَ طرح يونتن دائود جي گھراڻي سان عهد اقرار ڪيو ۽ چيائين تہ ”شل خداوند دائود جي دشمنن کان انهيءَ جو بدلو وٺي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 انهي طرح يونتن دائود جي گهراڻي سان عهد اقرار ڪيو، ۽ چيائين تہ خداوند دائود جي دشمنن کان انهي جو بدلو وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


پر دائود بادشاهہ سائول جي ٻئي اولاد مان ستن ڄڻن کي پڪڙائي جِبعونين جي حوالي ڪيو. انهن ۾ سائول جا ٻہ پٽ ارموني ۽ مفيبوست هئا، جيڪي کيس سندس سريت رصفہ جنهن جي ماءُ اياہ هئي، تنهن مان ڄاوا هئا. باقي پنج ڄڻا سائول جي ڌيءَ ميرب جا پٽ هئا، جيڪي کيس عدري‌ايل ولد برزلي محولاتيءَ مان ڄاوا هئا. جِبعونين انهن کي جبل تي خداوند جي آڏو ڦاسيءَ تي چاڙهيو ۽ اهي ست ئي ڄڻا گڏ مئا. انهن کي جَوَن جي فصل لهڻ وارن ڏينهن جي شروعات ۾ قتل ڪيو ويو.


تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر جي تابعداري ڪرڻ کان نہ گھٻرايو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو، اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي ئي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


جيڪڏهن خداوند کان منهن موڙڻ لاءِ اسان پنهنجي قربان‌گاهہ ٺاهي آهي، يا انهيءَ لاءِ تہ مٿس ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون، يا سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون، تہ پوءِ ڀلي خداوند انهيءَ جو اسان کان حساب وٺي.


۽ ساڻس دائمي دوستيءَ جو عهد اقرار ڪيائين.


تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ ”خير سان روانو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾ هميشہ لاءِ شاهد رهندو.“ پوءِ دائود اُٿي روانو ٿيو ۽ يونتن شهر ڏانهن موٽي ويو.


پوءِ ڇو اوهان منهنجي خلاف سازش ڪئي، جو جڏهن منهنجي پٽ يسيءَ جي پٽ سان عهد ٿي ڪيو، تڏهن ڪنهن بہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نہ ٻڌائي؟ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نہ ڏکيو؟ ڪنهن بہ مون کي نہ ٻڌايو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪر کي لڪ چوريءَ منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي، ايتري قدر جو اهو منهنجي مارڻ لاءِ وجھہ وٺي لڪو ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن اوهين ڏسو ٿا.“


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين آءٌ هن جا سڀيئي ماڻهو ماري ڇڏيندس ۽ ڪو هڪڙو ڇوڪرو بہ جيئرو نہ ڇڏيندس. جيڪڏهن آءٌ ائين نہ ڪريان تہ شل خدا مون سان ائين ئي بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪري.“


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


فلستين سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پئي کين سوڙهو ڪيو، نيٺ سائول جي پٽن يونتن، ابينداب ۽ ملڪيشوع کي ماري وڌائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ