Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 20:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اتي يونتن دائود کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا شاهد رهي تہ سڀاڻي يا پرينهن هن ئي وقت آءٌ پنهنجي پيءُ کان جاچ لهي وٺندس. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي حق ۾ ڪا چڱا ئي هوندي تہ انهيءَ دم آءٌ ماڻهو موڪلي تو کي اطلاع ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ يونتن دائود کي چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا شاهد آهي؛ جڏهن سڀاڻي يا پرينهن هن وقت پنهنجي پيءُ جو سماءُ وٺي رهندس تڏهن جي تنهنجي حق ۾ ڪا چڱائي هوندي، تہ توکي ماڻهو موڪلي اُها خبر ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 20:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود سائول جي پوٽي، يعني يونتن جي پٽ مفيبوست کي جيئدان ڏنو، ڇاڪاڻ تہ دائود بادشاهہ ۽ سائول جي پٽ يونتن جي وچ ۾ خداوند جو قسم کنيل هو.


تہ پوءِ مون جيڪي بہ ڪيو آهي، تنهن کي خدا ڇو نہ ٿو ڏسي؟ هائو، نيڪيءَ ڏانهن منهنجي کنيل هر قدم کي هو ڇو نہ ٿو ڳڻي؟


ڀل تون منهنجيءَ دل کي آزمائي ڏس، هائو، رات جو اچي مون کي چڪاسي ڏس. ڀل مون کي جاچي ڏس، تون مون ۾ ڪابہ خرابي ڪين لهندين. مون اهو اٽل ارادو ڪيو آهي تہ منهنجي زبان مان برائيءَ جي اهڙي ڪا ڳالهہ نہ نڪري،


ڪن ماڻهن جا خيال اونهي کوهہ وانگر هوندا آهن، مگر سمجھہ وارا انهن کي ڳولي ڪڍندا آهن.


”خداوند، قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند، قادرِمطلق خدا ڄاڻي ٿو ۽ اوهين بني اسرائيل بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن اسان خداوند جي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ خداوند جي نافرماني ڪئي اٿئون تہ اڄ اسان کي جيئرو نہ ڇڏيو.


يونتن دائود کي چيو تہ ”هل تہ ٻاهر نڪري هلون.“ تڏهن هو ٻئي ٻاهر نڪري ٻنين ڏانهن هليا ويا.


پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ تو کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ڪيو هوندو، تہ خداوند مون سان شل ائين ئي ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ، جيڪڏهن آءٌ تو کي انهيءَ جو اطلاع نہ ڏيان ۽ تو کي روانو نہ ڪري ڇڏيان جو تون صحيح سلامت هليو وڃين. شل خداوند تو سان هجي جيئن منهنجي پيءُ ساڻ هو.


پوءِ انهن ٻنهي خداوند جي آڏو پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو، جنهن بعد دائود ٻيلي ۾ ئي رهي پيو ۽ يونتن پنهنجي گھر ڏانهن هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ