11 يونتن دائود کي چيو تہ ”هل تہ ٻاهر نڪري هلون.“ تڏهن هو ٻئي ٻاهر نڪري ٻنين ڏانهن هليا ويا.
11 يونتن دائود کي چيو تہ ٻنيءَ ڏي هلون. پوءِ هو ٻئي ٻنيءَ ڏي نڪري ويا.
پوءِ دائود يونتن کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تنهنجو پيءُ تو کي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟“
اتي يونتن دائود کي چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا شاهد رهي تہ سڀاڻي يا پرينهن هن ئي وقت آءٌ پنهنجي پيءُ کان جاچ لهي وٺندس. پوءِ جيڪڏهن تنهنجي حق ۾ ڪا چڱا ئي هوندي تہ انهيءَ دم آءٌ ماڻهو موڪلي تو کي اطلاع ڏيندس.