1.سموئيل 2:30 - Muslim Sindhi Bible30 تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible30 تنهنڪري خداوند، اسرائيل جو خدا، فرمائي ٿو تہ مون برابر ائين چيو هو تہ تنهنجو گهراڻو، ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو هميشہ منهنجي اڳيان هلي: پر هاڻي خداوند فرمائي ٿو تہ مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي مون کي عزت ڏين ٿا، تن کي آءٌ عزت ڏيندس، ۽ جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا، سي بي آبرو ڪيا ويندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.
هنن عُزياہ بادشاهہ کي روڪيو ۽ چيائونس تہ ”اي عُزياہ! اهو تنهنجو ڪم ناهي جو تون خداوند جي لاءِ لوبان ساڙين، بلڪ اهو هارون جي اولاد جو ڪم آهي جيڪي ڪاهن آهن ۽ جيڪي لوبان ساڙڻ لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. سو تون مقدس جاءِ مان نڪري وڃ. جيئن تہ تو گناهہ ڪيو آهي تنهنڪري خداوند خدا وٽ هاڻي تنهنجي ڪابہ عزت ڪانهي.“
ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“
پنهنجو پيغام پورو ڪندي نبوڪدنضر ٻڌايو تہ ”انهن مقرر ڪيل ڏينهن جي گذرڻ کان پوءِ جڏهن مون پنهنجيون اکيون عرش عظيم ڏانهن کنيون تہ منهنجي سمجھہ مون منجھہ موٽي آئي. سو خدا تعاليٰ، جيڪو هميشہ زندہ رهندڙ آهي، تنهن جي تعظيم ۽ شڪر ادا ڪندي مون سندس واکاڻ ڪئي تہ خدا جي حاڪميت ابدي حاڪميت آهي، هائو، هن جي بادشاهت پيڙهي بہ پيڙهي قائم وَ دائم آهي.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘