1.سموئيل 2:29 - Muslim Sindhi Bible29 اي عيلي! تون پنهنجي پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏئين؟ اوهين منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي سڀني قربانين مان عمدا حصا کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪريو ٿا. منهنجي انهن قربانين ۽ نذرانن، جن لاءِ مون حڪم ڪيو هو تہ اهي منهنجي گھر ۾ پيش ڪيا وڃن، تن ۾ اوهين ڇو ٿا اکيون وجھو؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible29 سو منهنجي قرباني ۽ منهنجو نذرانو، جنهن جي لاءِ مون حڪم ڪيو آهي تہ منهنجي گهر ۾ پيش ٿيندا رهن، تنهن کي لتون ڇو ٿا هڻو؛ ۽ تون پنهنجن پٽن کي مون کان وڌيڪ عزت ڇو ٿو ڏين، انهي لاءِ تہ هو منهنجي قوم اسرائيل جي سڀني قربانين مان جيڪي مکيہ آهن تن جو سڻڀ کائي پاڻ کي ٿلهو متارو ڪن؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اوهان جَوَن جي چند مُٺين ۽ مانيءَ جي چند ٽُڪرن حاصل ڪرڻ خاطر منهنجي قوم آڏو منهنجي بيحرمتي ڪئي آهي. اوهان انهن جانين کي مارڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي مرڻ جي لائق نہ آهن ۽ انهن جانين کي بچائڻ جون اڳڪٿيون ٿيون ڪريو جيڪي بچائڻ جي لائق نہ آهن. سو اوهين منهنجي قوم کي ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌايو ٿيون ۽ اهي اوهان جي ڳالهين تي يقين ٿا ڪن.
ياد رکو، هاڻي آءٌ اوهان جي خلاف آهيان. آءٌ اوهان کان حساب وٺندس ۽ پنهنجيون رڍون ٻڪريون ڇڪي موٽائيندس ۽ وري ڪڏهن بہ اوهان کي انهن جو ڌنار ٿيڻ نہ ڏيندس، نڪي اوهين اڳتي انهن مان پنهنجا ڍڍ ڀريندا. هائو، آءٌ اوهان کان پنهنجو ڌڻ ڇڏائي وٺندس، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي اهي اوهان جي خوراڪ نہ بڻجن. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“