Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:28 - Muslim Sindhi Bible

28 ڇا بني اسرائيل جي سڀني قبيلن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، پنهنجي قربان‌گاهہ جي خدمت لاءِ، لوبان ساڙڻ لاءِ ۽ پنهنجي حضور ۾ مذهبي وڳو پهرڻ لاءِ چونڊي نہ ڪڍيو هو؟ ڇا بني اسرائيل جون سموريون ساڙيون ويندڙ قربانيون مون تنهنجي ابي ڏاڏي جي گھراڻي کي نہ ڏنيون هيون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون هن کي پنهنجي ڪاهن ٿيڻ لاءِ، ۽ پنهنجي قربانگاهہ تي چڙهڻ لاءِ، ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي حضور ۾ اُفود ڍڪڻ لاءِ پسند ڪيو هو يا نہ؟ ۽ بني اسرائيل جون سڀ ساڙڻ واريون قربانيون تنهنجي پيءُ جي گهراڻي کي ڏنيون هيون يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:28
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ناتن دائود کي چيو تہ ”اهو ماڻهو تون ئي آهين. خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون ئي تو کي مسح ڪري بني اسرائيل جو بادشاهہ بڻايو ۽ تو کي سائول جي هٿان پڻ ڇڏايم.


دائود کي انهيءَ مهل سڻيءَ جو مذهبي وڳو پيل هو ۽ هو خداوند جي حضور ۾ پنهنجي سڄي طاقت سان نچندو پئي هليو.


”تون بني اسرائيل مان پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر کي پاڻ وٽ سڏاءِ تہ جيئن اُهي منهنجي لاءِ ڪاهن ٿين.


جيڪا پوشاڪ هو ٺاهيندا سا هيءَ آهي: هڪڙو سينابند، هڪڙو مذهبي فراڪ، هڪڙو جبو، هڪڙو چونڪڙين وارو پهراڻ، هڪڙي پڳ ۽ هڪڙو پٽو. هو تنهنجي ڀاءُ هارون ۽ سندس پٽن لاءِ اها خاص پوشاڪ ٺاهين، تہ جيئن اهي منهنجي لاءِ ڪاهن بڻجي اها پوشاڪ پائين.


هارون هر روز صبح جو جڏهن ڏيئن کي ٺيڪ ڪري، تڏهن انهيءَ قربان‌گاهہ تي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙيندو رهي.


سانجھيءَ جو بہ جڏهن هو ڏيئا ٻاري تڏهن اهو ساڙي. اهو لوبان مون خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي لاءِ اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ ساڙبو رهبو.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان جيڪي باقي بچي سو ڪاهنن جو ٿيندو. اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص حصو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو منهنجي لاءِ ئي ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي.


انهيءَ اناج جي قربانيءَ مان باقي بچيل حصو ڪاهنن جو ٿيندو. جيئن تہ اهو حصو بہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان آهي، تنهنڪري اهو مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي.


جيڪي انهيءَ مان باقي بچي سو هارون ۽ سندس پٽ خمير ملائڻ کان سواءِ مخصوص جاءِ تي يعني مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ ۾ ئي پچائي کائين.


ساڄي ران، خاص نذراني طور انهيءَ ڪاهن کي ڏني وڃي،


انهيءَ ڏينهن خداوند کين مسح ڪرائي مخصوص ڪيو ۽ هنن بابت اهو حڪم ڏنائين تہ ”بني اسرائيل کان اهو حصو کين ملندو رهي. اهو هميشہ جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين تائين هنن جو حق رهندو.“


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو.


مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“


انهن ۾ اخياہ بہ مذهبي وڳو پايو ويٺو هو. هو يڪبود جي ڀاءُ اخيطوب بن فينحاس بن عيلي جو پٽ هو. عيلي سيلا شهر ۾ خداوند جو ڪاهن هو. ماڻهن کي اها خبر ئي ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


انهن ڏينهن ۾ سموئيل جيڪو اڃا ٻار هو، سو سڻيءَ جي ڪپڙي جو مذهبي وڳو پهري خداوند جي خدمت ڪندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ