Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:27 - Muslim Sindhi Bible

27 تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:27
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيت‌ايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.


اهڙيءَ طرح سليمان ابي‌ياتر کي خداوند جي ڪهانت واري عهدي تان لاهي ڇڏيو. ائين ڪرڻ سان هن خداوند جي اڳ ۾ فرمايل ڳالهہ پوري ڪئي جيڪا خداوند سيلا شهر ۾ عيليءَ جي گھراڻي بابت ڪئي هئي.


پوءِ مصر جي ملڪ ۾ ئي خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ ”عيد فصح جا قاعدا هي آهن. بني اسرائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو عيد فصح جي ماني نہ کائي.


انهيءَ وچ ۾ خداوند هارون کي فرمايو تہ ”بيابان ۾ وڃي موسيٰ سان مل.“ سو هو انهيءَ سان ملڻ لاءِ خدا جي جبل تي ويو ۽ ساڻس ملي کيس چميائين.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ.


هائو، نبين جي ڪابہ ڳالهہ ڪڏهن بہ انسان جي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪانہ ٿي، بلڪ اهي پاڪ روح جي رهنمائيءَ سان خدا جي طرفان ڳالهائيندا هئا.


تڏهن انهيءَ عورت اچي پنهنجي مڙس کي ٻڌايو تہ ”هڪڙو خدا جو ٻانهو مون وٽ آيو. هن جي شڪل خدا جي ملائڪ جهڙي بيحد خوفائتي هئي. نڪي مون کانئس پڇيو تہ هو ڪٿان ٿو اچي، نہ ئي وري هن مون کي پنهنجو نالو ٻڌايو.


تڏهن هن بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو. انهيءَ نبيءَ کين چيو تہ ”خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون اوهان کي غلاميءَ واري ملڪ مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.


انهيءَ ڏينهن آءٌ عيليءَ جي گھراڻي بابت پنهنجين سمورين چيل ڳالهين کي شروع کان وٺي آخر تائين عمل ۾ آڻيندس.


تڏهن اهي افرائيم جي ڪوهستان مان ٿيندا سليسہ جي علائقي مان لنگھيا، پر گڏهہ نہ لڌائون. پوءِ هو سعليم جي علائقي مان لنگھيا، پر اتي بہ گڏهہ نہ ملين. تنهن کان پوءِ هو بنيامين جي علائقي مان لنگھيا، اتي بہ گڏهہ ڪونہ لڌن.


پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ