Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تنهنڪري هن پٽن کي چيو تہ ”اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ سڀڪو ماڻهو اوهان جي بڇڙي هلت جي مون سان شڪايت ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هن انهن کي چيو تہ اوهين اهڙا ڪم ڇو ٿا ڪريو؟ ڇالاءِ جو آءٌ سڀني ماڻهن کان اوهانجن خراب ڪمن جي شڪايت ٿو ٻڌان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:23
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


تڏهن هو زمين تي ڪري پيو ۽ هڪڙو آواز ٻڌائين تہ ”سائول! اي سائول! تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟“


اهڙن ماڻهن جي پڇاڙي بربادي آهي، انهن جو خدا سندن پيٽ آهي، اهي پنهنجي شرمناڪ ڳالهين تي فخر ٿا ڪن ۽ کين رڳو دنياوي شين جو فڪر ٿو رهي.


عيلي هاڻي تمام پوڙهو ٿي ويو هو. هن اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو، جيڪي سندس پٽن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن سان ٿي ڪيو ۽ اهو بہ ٻڌائين تہ جيڪي عورتون خدا سان ملاقات واري انهيءَ مقدس خيمي جي در تي خدمت ڪنديون هيون تن سان هو سمهندا هئا.


نہ اي منهنجا فرزندؤ! جيڪي اوهان جي گناهن جون خبرون آءٌ سڀني ماڻهن جي واتان ٻڌان پيو سي چڱيون ناهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ