Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ جيڪڏهن اهو ماڻهو کيس چوندو هو تہ ”ترس، پهريائين چرٻي ساڙڻ ڏي، پوءِ جيترو تون چاهين اوترو گوشت کڻي وڃ،“ تنهن تي هو چوندو هو تہ ”نہ، مون کي هينئر ئي ڏي نہ تہ آءٌ زوريءَ کڻي ويندوسانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جيڪڏهن اُهو ماڻهو هن کي چوندو تہ هو هينئر ضرور چرٻي ساڙيندا، پوءِ جيترو تنهنجي دل چوي اوترو وٺ؛ تہ هو چوندو هو تہ نہ، مون کي ضرور هينئر ڏي، نہ تہ آءٌ زوريءَ وٺندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 2:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


ڪاهن انهن کي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي. هي انهيءَ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ آهي جيڪا وڻندڙ خوشبوءِ لاءِ ڪبي آهي. سموري چرٻي مون خداوند جي آهي.


نبي سڏائيندڙن کي خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم کي گمراهہ ڪرڻ وارؤ! جيڪي اوهان کي کارائين پيئارين ٿا، تن سان منهنجي طرفان امن وَ سلامتيءَ جو واعدو ٿا ڪريو. پر جيڪي اوهان جو وات نہ ٿا ڀرين، تن کي اوهين منهنجو نالو وٺي آفتن اچڻ جا دڙڪا ٿا ڏيو.


بني دان کيس چيو تہ ”تنهنجي لاءِ بهتر آهي تہ ٻڙڪ بہ نہ ڪُڇ، متان اسان مان ڪن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تو تي حملو ڪري ڏين ۽ تون پنهنجي گھراڻي سميت پنهنجي جان وڃائي ويهين.“


پر عيليءَ جا پٽ ان جي ابتڙ چرٻي ساڙڻ کان اڳ ۾ ئي نوڪر کي موڪليندا هئا جيڪو قرباني ڪندڙ کي چوندو هو تہ ”ڪاهن جي لاءِ ڪباب ڪرڻ واسطي گوشت ڏي، هن کي اٻريل گوشت نہ بلڪ ڪچو گھرجي.“


عيليءَ جي انهن جوان پٽن جو هي گناهہ خداوند جي آڏو تمام وڏو هو، ڇاڪاڻ تہ اهي خداوند جي قربانيءَ جي بي‌حرمتي ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ