Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پوءِ هو اوڏانهن روانو ٿيو. تڏهن خدا جو روح هن تي بہ نازل ٿيو ۽ هو بہ بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪندو رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ ۾ اچي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 ۽ هو اوڏي رامہ منجهہ نيوت ڏي ويو، ۽ خدا جو روح هن تي بہ آيو، ۽ هو بہ نبوت ڪندو ويو، جيسين هو رامہ منجهہ نيوت ۾ پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:23
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“


هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


حقيقت ۾ هن اها ڳالهہ پنهنجي طرفان نہ چئي، پر جيئن تہ هو انهيءَ سال جو وڏو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري خدا ئي هن جي واتان اهو چوايو تہ عيسيٰ يهودي قوم لاءِ مرندو


جيڪڏهن مون کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت مليل هجي، سڀني رازن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو ايمان ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ محبت نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


جڏهن سائول ۽ سندس نوڪر جِبعت شهر ۾ انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اچي پهتا، تڏهن نبين جي هڪڙي ٽولي کين گڏي. اتي خدا جو روح مٿس ايترو تہ زور سان نازل ٿيو جو هو انهن سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو.


تڏهن اتان جي رهاڪن مان هڪڙي ماڻهوءَ ورندي ڏيئي چيو تہ ”بلڪ هنن جو وڏو ڪير آهي؟“ انهيءَ کان پوءِ اهو پهاڪو بڻجي ويو تہ ”واہ! سائول بہ نبين مان ٿي ويو آهي!“


تڏهن خداوند جو روح تو تي ايترو تہ زور سان نازل ٿيندو جو تون بہ هنن سان گڏ اڳڪٿيون ڪرڻ لڳندين ۽ تو ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي.


ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.


اهڙيءَ طرح دائود جان بچائي ڀڄي نڪتو ۽ رامہ شهر ۾ سموئيل وٽ اچي پهتو. کيس اهو سڀ جيڪو سائول ساڻس ڪيو هو، سو بيان ڪري ٻڌايائين. پوءِ هو ۽ سموئيل نيوت نالي هنڌ ڏانهن ويا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا.


تڏهن هن کيس پڪڙڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو موڪليا. پر جڏهن انهن اچي ڏٺو تہ نبين جي جماعت بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪري رهي آهي ۽ سموئيل سندن اڳواڻ بڻيو بيٺو آهي، تڏهن سائول جي ماڻهن تي بہ خدا جو روح نازل ٿيو ۽ اهي بہ بي‌خوديءَ ۾ نچي واڪا ڪرڻ لڳا.


تڏهن سائول پاڻ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو ۽ انهيءَ وڏي کوهہ وٽ اچي پهتو جيڪو سيڪو ڳوٺ ۾ آهي. اتي هن پڇا ڪئي تہ سموئيل ۽ دائود ڪٿي آهن. کيس ٻڌايو ويو تہ اهي رامہ شهر جي نيوت واري جاءِ ۾ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ