Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 19:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سائول ارادو ڪيو تہ هو نيزي سان دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏي، پر دائود سندس اڳيان کسڪي نڪري ويو ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو. دائود ڀڄي ويو ۽ بچي نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ سائول جي مرضي هئي تہ دائود کي ڀت آڏو نيزي سان ونڌي؛ پر هو سائول جي اڳيان کسڪي نڪري ويو، ۽ نيزو وڃي ڀت ۾ لڳو: ۽ دائود انهي رات ڀڄي ويو، ۽ بچي نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 19:10
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان جي جان ائين ڇٽي آهي، جيئن پکي ماريءَ جي ڦندي مان ڇٽي، ڦندو ٽٽي ويو ۽ اسين ڇٽي نڪتاسين.


هائو، منهنجا زورآور دشمن جن مون کان نفرت ٿي ڪئي، تن جي هٿان هن مون کي ڇڏائي ورتو.


سچار ماڻهن جي مٿان تڪليفون تہ گھڻيون ئي آهن، پر خداوند انهن سڀني کان کين ڇڏائي ٿو.


بڇڙا ماڻهو سچارن جي تاڙ ۾ رهن ٿا. هو کين قتل ڪرڻ لاءِ وجھہ ڳوليندا وتن ٿا.


اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.


جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.


پر انهن مان ڪوبہ هٿيار تو کي نقصان پهچائي نہ سگھندو. عدالت ۾ جيڪي تنهنجي خلاف ڳالهائيندا، تن کي تون ڪوڙو ثابت ڪندينءَ. اهڙيءَ ئي طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن جي حفاظت ٿو ڪريان، ۽ کين فتحيابي عطا ٿو ڪريان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي اسرائيل وارؤ! آءٌ اوهان سان ڇا ڪريان؟ ۽ اي يهوداہ وارؤ! آءٌ اوهان سان ڪيئن هلان؟ اوهان جي وفاداري صبح جي ڪڪر جيان گم ٿيو وڃي هائو، جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي.


جڏهن ماڻهو اوهان کي ڪنهن شهر ۾ ستائين تہ اوهين هڪدم ٻئي شهر ڏانهن هليا وڃجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين اسرائيل جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنهنجو ڪم ختم ئي نہ ڪندا تہ ابنِ آدم اچي پهچندو.


پر هو انهن جي وچ مان لنگھي هليو ويو.


تنهن تي هنن وري بہ عيسيٰ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.


انهن مان ڪن ڀڙڪندڙ باهہ کي ٿڌو ڪيو ۽ ڪي تلوار جي ڌار کان بہ بچي نڪتا. انهن مان ڪي ڪمزوريءَ مان زورآور ٿيا، ڪي جنگ ۾ طاقتور بڻيا، ڪن ڌارين فوجن کي ڀڄائي ڪڍيو


ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.


سو هن ائين دل ۾ چوندي پنهنجو نيزو اڇلايو تہ ”آءٌ دائود کي ڀت ۾ ٽُنبي ڇڏيندس.“ پر دائود ٻہ دفعا سندس نشانو گسائي ويو.


سائول ڌيان سان يونتن جي ڳالهہ ٻڌي ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن کي قتل نہ ڪيو ويندو.“


تنهن تي سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اڇلائي هنيو. انهيءَ مان يونتن سمجھيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ