ٻئي ڏينهن هڪڙو ستائيندڙ روح خدا جي طرفان سائول تي نازل ٿيو ۽ هو پنهنجي گھر ۾ هل مچائڻ لڳو. تنهن تي دائود روزانو وانگر سُرندو وڄائڻ لڳو. ان وقت سائول جي هٿ ۾ نيزو هو.
سائول کي اها ڳالهہ نہ وڻي، سو هو ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”دائود جي نسبت ۾ تہ هو لک ٿيون چون ۽ منهنجي نسبت ۾ رڳو هزار! سو بادشاهيءَ کان سواءِ هن کي باقي ٻيو ڇا ملڻ لاءِ وڃي بچيو آهي؟“