Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سائول کي اها ڳالهہ نہ وڻي، سو هو ڏاڍو اچي ڪاوڙيو. هو دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”دائود جي نسبت ۾ تہ هو لک ٿيون چون ۽ منهنجي نسبت ۾ رڳو هزار! سو بادشاهيءَ کان سواءِ هن کي باقي ٻيو ڇا ملڻ لاءِ وڃي بچيو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن سائول ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ انهي گفتي ڪري هو رنج ٿيو؛ ۽ هن چيو تہ دائود جي نسبت ۾ هو لک ٿيون چون، ۽ منهنجي نسبت ۾ فقط هزار ٿيون چون: ۽ هاڻي هن کي بادشاهيءَ کان سواءِ باقي ٻيو ڇا گهرجي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو سندس ڀائر تہ ساڙ ۾ سڙي ويا پر پڻس اها ڳالهہ پنهنجيءَ دل ۾ رکي ڇڏي.


تڏهن ڀائرن چيس تہ ”واقعي تون اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا واقعي اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟“ سو هو سندس خوابن ۽ هن جي ڳالهين جي ڪري کانئس اڃا بہ وڌيڪ نفرت ڪرڻ لڳا.


بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبي‌شاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابي‌ياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“


جڏهن هامان ڏٺو تہ مردڪئي سندس اڳيان جھڪي سندس تعظيم نہ ٿو ڪري تڏهن هو اچي ڏاڍو ڪاوڙيو.


تڪبر وارو صلاح مصلحت تي ڌيان نہ ڏيئي مصيبتن ۾ ڦاسيو وڃي، مگر صلاح مصلحت سان هلڻ ۾ ئي دانائي آهي.


ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟


تنهن کان پوءِ مون محنت ۽ هنرمنديءَ جي ڪم بابت غور ڪيو ۽ ڏٺم تہ اهو سڀ ڪجھہ انسان هڪٻئي سان مقابلي ڪرڻ جي لاءِ ٿا ڪن. پر انهيءَ مان اصل مقصد جو پتو نہ ٿو پوي. اهو ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.


ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيمي‌گاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين.


تڏهن بلعام وراڻيو تہ ”مون کان گناهہ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان مون سان مقابلي لاءِ رستي تي بيٺا آهيو. سو هاڻي جيڪڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ توهان کي خراب ٿو لڳي تہ آءٌ موٽي ٿو وڃان.“


ڇا اوهين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آهي تہ جيڪو روح خدا اسان ۾ رهڻ لاءِ وڌو آهي، تنهن لاءِ هو سخت غيرتمند آهي؟


پر هاڻي تنهنجي بادشاهي قائم نہ رهندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو حڪم خداوند تو کي ڏنو هو، تنهن تي تو عمل نہ ڪيو. سو خداوند هڪڙو اهڙو ماڻهو ڳولي ڪڍيو آهي، جيڪو سندس دلي خواهش موجب آهي، جنهن کي هن پنهنجيءَ قوم جو اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.“


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


پوءِ سموئيل سڱ ۾ پيل زيتون جو تيل کنيو ۽ هن کي سندس ڀائرن جي روبرو مسح ڪيائين. انهيءَ ڏينهن کان وٺي خداوند جو روح دائود تي هميشہ نازل ٿيندو رهيو. پوءِ سموئيل اٿيو ۽ رامہ شهر ڏانهن روانو ٿيو.


انهيءَ ڏينهن کان وٺي سائول دائود کي حسد جي نگاهہ سان ڏسڻ لڳو.


سائول پنهنجي پٽ يونتن ۽ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”دائود کي ماري ڇڏيو.“ پر يونتن جيئن تہ دائود سان بيحد محبت ڪندو هو،


جيستائين يسيءَ جو پٽ هن ڌرتيءَ تي جيئرو آهي تيستائين نڪي تون بادشاهہ ٿيندين ۽ نہ وري تنهنجي حڪومت قائم ٿيندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گھرائي مون وٽ آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضروري آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ