Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:28 - Muslim Sindhi Bible

28 جڏهن سائول پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو تہ خداوند دائود سان آهي ۽ سندس ڌيءَ ميڪل بہ هن سان محبت ٿي ڪئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ سائول ڏٺو ۽ پڪ ڄاتائين تہ خدا دائود سان آهي: ۽ سائول جي ڌيءَ ميڪل هن کي پيار ڪندي هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:28
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”هاڻي اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي تہ خداوند تو ساڻ آهي، سو اسان جو خيال آهي تہ تون ۽ اسان قسم تي عهد ڪريون. اچ تہ معاهدو ڪريون،


تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“


سندس مالڪ ڏٺو تہ ”خداوند يوسف سان آهي، جو هو جيڪي ڪجھہ بہ ڪري ٿو تنهن ۾ خداوند کيس ڪاميابي عطا ڪري ٿو.“


ڏسو، ڪي ڪوڙا پاڻ کي يهودي ٿا سڏائين، پر حقيقت ۾ آهن ڪونہ، بلڪ اهي شيطان جو ٽولو آهن. انهن کي آءٌ اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو اچي اوهان جي پيرن تي ڪرندا ۽ اهو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.


هوڏانهن سائول جي ٻي ڌيءَ ميڪل دائود سان محبت ڪندي هئي. جڏهن سائول کي اهو ٻڌايو ويو تہ کيس اها ڳالهہ پسند آئي.


دائود اٿيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي ساڻ ڪري فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماري، انهن جون طهر واريون کلڙيون کڻي آيو. هنن اهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون تہ جيئن دائود سندس ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل دائود کي پرڻائي ڏني.


تڏهن هو دائود کان اڃا بہ وڌيڪ ڊڄڻ لڳو ۽ هميشہ جي لاءِ دائود جو دشمن ٿي پيو.


هاڻي مون کي يقين آهي تہ تون ضرور بادشاهہ ٿيندين ۽ بني اسرائيل جي حڪومت تنهنجي ئي هٿ ۾ قائم ٿيندي.


تڏهن سائول دائود کي چيو تہ ”اي منهنجا پٽ دائود! شل تون برڪت وارو هجين. تون وڏا وڏا ڪم ڪندين ۽ ضرور فتحياب ٿيندين.“ پوءِ دائود پنهنجو رستو وٺي هليو ويو ۽ سائول پنهنجي گھر ڏانهن موٽي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ