Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 18:27 - Muslim Sindhi Bible

27 دائود اٿيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي ساڻ ڪري فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماري، انهن جون طهر واريون کلڙيون کڻي آيو. هنن اهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون تہ جيئن دائود سندس ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل دائود کي پرڻائي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 تہ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اُٿيو، ۽ فلستين جا ٻہ سؤ ماڻهو ماريائين؛ ۽ دائود انهن جون کوليون کڻي آيو. ۽ هنن اُهي پوريون ڳڻي وڃي بادشاهہ کي ڏنيون، انهي لاءِ تہ هو بادشاهہ جو ناٺي ٿئي. تڏهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل هن کي پرڻائي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 18:27
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود وراڻي ڏنس تہ ”چڱو، آءٌ تو سان هڪڙيءَ شرط تي معاهدو ڪندس تہ جڏهن تون مون سان ملڻ ايندين، تڏهن سائول جي ڌيءَ ميڪل کي ضرور پاڻ سان مون وٽ آڻيندين.“


پوءِ دائود اشبوست ڏانهن قاصدن هٿان چوائي موڪليو تہ ”مون کي منهنجي زال ميڪل پهچائي ڏي، جنهن سان آءٌ فلستين جي طهر جون سؤ کلڙيون ڏيئي پرڻيو هئس.“


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو. هو اسقلون شهر ڏانهن ويو، اتي ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين ۽ جن ڳجھارت ڀڳي هئي تن کي اهي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين. بعد ۾ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي هو پنهنجي گھر موٽي ويو.


سائول جي پٽن جا نالا يونتن، اسوي ۽ ملڪيشوع هئا. کيس ٻہ ڌيئر هيون جن مان وڏيءَ جو نالو ميرب ۽ ننڍيءَ جو نالو ميڪل هو.


تنهنڪري سائول دائود کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس هڪ هزار سپاهين جو سالار مقرر ڪري ڇڏيائين. هو انهيءَ لشڪر جي اڳواڻي ڪندو هو.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


جڏهن سائول پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو تہ خداوند دائود سان آهي ۽ سندس ڌيءَ ميڪل بہ هن سان محبت ٿي ڪئي،


هوڏانهن سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، جيڪا دائود جي زال پڻ هئي، سا ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏيئي ڇڏي، جيڪو جليم ڳوٺ جو رهندڙ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ